ڊيوٽي جوڊيشل مئجسٽريٽ جوابدار آزاد ڪري سگهي ٿو يا نہ… غني امان جي آزادي هڪ نئون بحث ڇيڙي ڇڏيو

فہرستِ مضامین

رپورٽ: قادر لاشاري

هاڻي ڇا ٿيندو اهو تہ سڀاڻي قانوني ميدان تي خبر پوندي پر اڄ ڊيوٽي جوڊيشل مئجسٽريٽ ويسٽ نثار احمد چانڊيو سي ٽي ڊي پاران پيش ڪيل جوابدار غني امان چانڊيو ۽ سرمد ميراڻي کي سيڪشن 63 تحت آزاد ڪرڻ جو جيڪو حڪم ڏنو ۽ وري سي ٽي ڊي عدالتي حڪم تي عمل نہ ڪندي جوابدارن کي آزاد نہ ڪيو ان عمل هڪ وڏو بحث ڇيڙي ڇڏيو آهي .

سيڪشن 63 ڇا آهي ۽ ان سيڪشن تحت ڊيوٽي مئجسٽريٽ ڪنهن ايف آئي آر کي ختم ڪري سگهي ٿو يا نہ ان بابت قانوني ماهرن جا مختلف رايا آهن. ڊبليو ٽي اين قانوني پاسا جاچڻ لاءِ حاضر سروس ججز، پوليس آفيسرن، لا آفيسرن سميت پراسيڪيوٽر جنرل ليول جي آفيسرن سان ڳالھ ٻولھہ ڪئي آهي جن جا مختلف رايا آيا آهن.

سي ٽي ڊي آفيسرن جو چوڻ آهي تہ جوابدارن خلاف اي ٽي سي قلم تحت ايف آئي آر داخل ٿيل آهي، جوابدارن جو ٽرائل دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ هلڻو آهي اڄ جوابدارن جو رمانڊ وٺڻ لاءِ علائقي جي ڊيوٽي مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، ايس ايس پي سي ٽي ڊي عرفان بهادر موجب ڊيوٽي مئجسٽريٽ صرف رمانڊ ڏئي سگهي ٿو، عرفان بهادر موجب جج صاحب شروع ۾ آءِ او کي هڪ ڏينهن جو رمانڊ پڻ ڏنو پر بعد ۾ ڪراچي بار جي وڪيلن جي پريشر ۾ اچي جج صاحب سيڪشن 63 تحت جوابدارن کي مورڳو ايف آءِ آر مان ئي بري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عرفان بهادر جو چوڻ آهي تہ اهو ڊيوٽي مئجسٽريٽ جو اختيار ئي ناهي، هڪ تہ ايف آئي آر ۾ دهشتگردي جا قلم شامل آهن، ڪيس نارمل ڪورٽ جو ناهي ٻيو تہ ڊيوٽي مئجسٽريٽ جا اهي اختيار ناهن هن جا وڌ م وڌ اختيار اهي آهن تہ هو جوابدار کي پوليس رمانڊ تي ڏيڻ بدران جيل ڪسٽڊي ڪرڻ ڪري پئي سگهيو

ٻئي پاسي پراسيڪيوٽر جنرل سنڌ جو پڻ اهو ئي خيال آهي تہ پنهنجي آرڊر ۾ قانوني تقاضائون پوريون نہ ڪيون آهن، هن کي اهڙو آرڊر نہ ڪرڻ کپي آ.

قانوني ماهر ساجد سومرو جو چوڻ آهي تہ ڊيوٽي مئجسٽريٽ سيڪشن 63 تحت ڪنهن بہ جوابدار کي آزاد ڪري سگهي ٿو. اي ٽي سي قلم هجي يا قتل جو قلم هجي، مئجسٽريٽ کي وڏا پاور آهن اسان وٽ هتي مئجسٽريٽن کي پنهنجي پاور جي ئي خبر نہ هوندي آ جن کي قانون جي ڄاڻ آهي اهي استعمال ڪن پيا. ايڊووڪيٽ ساجد سومرو جو چوڻ آهي تہ مئجسٽريٽ ڀلي ڊيوٽي مئجسٽريٽ هجي پر ان جا پاور مئجسٽريٽ وارا ئي آهن.

ايڊوڪيٽ محراب خان کوسو جو چوڻ آهي تہ ايف آئي آر م اي ٽي سي جا قلم شامل آهن ان ڪري ان ايف آئي آر کي ڊيوٽي مئجسٽريٽ ختم نہ ٿو ڪري سگهي، مئجسٽريٽ صاحب جذباتي آرڊر ڪيو آهي.

هوڏانهن اهو پڻ بحث آهي تہ هاڻ ڪيس جو آئي او سڀاڻي مئجسٽريٽ جي هن آرڊر خلاف ريوين ۾ ڪهڙي عدالت ويندو ڪجهہ قانوني ماهرن جو خيال آهي تہ ايف آئي آر ۾ دهشتگردي جا قلم هئڻ سبب دهشتگردي جي انت آڻڻ واري عدالت جي نگران جج اقبال خواجہ صاحب جي عدالت ويندو ڪجهہ قانوني ماهرن جو خيال آهي تہ جوڊيشل مئجسٽريٽ جي آرڊر 63 سيڪشن ج آرڊر جي روين آهي جيڪا ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ويسٽ ڊاڪٽر امبرين جي عدالت م فائل ڪئي ويندي.

سڀني صورتن ۾ صبح تائين تصوير ڪليئر ٿي ويندي پر اڪثر قانوني ماهرن جي راءِ اها آهي تہ جج صاحب هي آرڊر آئوٽ آف وي ڪيو آهي جنهن تي جج صاحب جي خلاف ڪاروائي بہ ٿي سگهي ٿي.

هڪ ٻيو سوال بہ اڀري ٿو تہ عدالت پاران آزاد ڪيل جوابدارن کي سي ٽي ڊي ڇو آزاد نہ ڪيو، سي ٽي ڊي ٻنهي نوجوانن کي ٻيهر ڪورٽ مان کنڀي وئي جيڪا پڻ عدالتي رٽ کي چئلينج ڪرڻ برابر آهي. جيڪڏھن سي ٽي ڊي ڪورٽ جي آرڊر مان مطمئين نہ هئي تہ سڀاڻي آرڊر خلاف روين ۾ هليا وڃن ها

قانوني ماهرن جو خيال آهي تہ جج صاحب سيڪشن 63 واري آرڊر ۾ قانوني تقاضائون پوريون ڪيون يا نہ ان کي قانوني طور ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري سگهجي پيو پر ڪورٽ جي آرڊر بعد ٻنهي نوجوانن کي آزاد نہ ڪرڻ خود سي ٽي ڊي پاران عدالت کي کليل چئلينج آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں