رانو رڇ: 20 سال سرڪاري ۽ خانگي قيد ڀوڳڻ بعد سي ون ٿرٽي جھاز ذريعي اسلام آباد منتقل ٿيندو، سنڌ سرڪار 25 لک روپيا جاري ڪيا، رڇ جي اغوا ۽ منتقلي تائين جي دلچسپ ڪھاڻي

فہرستِ مضامین

رپورٽ قادر لاشاري

اترين علائقن مان ننڍپڻ ۾ شڪارين ھٿان اغوا ٿي ۽ ماءُ کان جدا ٿي ڪراچي چڙيا گهر تائين پهتل رانو رڇ جي زندگي عذاب جو ھڪ داستان چئجي تہ غلط نہ ھوندو، رانو کي ان وقت اغوا ڪيو ويو هو جڏھن هن جي عمر هڪ سال مس هئي، هن وقت رانو جي عمر 21 کان 22 سال آهي، ننڍي عمر ۾ اغوا ٿيل رانو پنهنجي اڌ زندگي ڪراچي چڙيا گھر جي قيد ۾ گذاري ڇڏي، گلگت بلتستان مان اغوا ڪيل رانو کي ڪراچي جي پرائيويٽ سام زو ۾ وڪرو ڪيو ويو، سام زو ڪراچي جي نادرن باءَ پاس تي واقع آهي، رانو کي اغوا ڪندڙ اسمنگلر پرائيويٽ زو جي مالڪ کي هي رڇ شام ملڪ جي برفاني علائقي جو “سيرين رڇ” ڄاڻائي وڪرو ڪيو، جيتوڻيڪ هي پاڪستان جي اترين علائقي گلگت بلتستان جي برائون نسل جو رڇ آهي، وائلڊ لائيف جي ماهرن جو چوڻ آهي تہ هن نسل جا رڇ ٿڌن علائقن ۾ رھن ٿا هن نسل جا رڇ سال ۾ چار کان ڇھہ مهينا  گهري ننڊ ڪندا آهن، قدرتي نظام تحت ننڊ ۾ وڃڻ کان اڳ ھو جھنگ ۾ متوازن خوراڪ کائي جسم ۾ چرٻي وڌائيندا آھن ۽ ننڊ دوران سندن جسم جمع ٿيل چرٻي خوراڪ طور استعمال ڪندو آھي اھڙي طرح ننڊ ۾ کاڌ خوراڪ جو پورائو بہ پيو ٿيندو آهي، سياري جي موسم ختم ٿيڻ واري هوندي آهي تہ هنن جي ننڊ ختم ٿيڻ شروع ٿيندي آهي، ھن نسل جا رڇ گلگت بلتستان جي وڏن برفاني پهاڙن جي غارن ۾ ننڊون ڪندا آهن، ماهرن جو خيال آهي تہ هن نسل جي رڇ جي ڇهن مهينن واري گهري ننڊ واري عمل کي هائيبرنيشن بہ چئبو آهي جنهن ۾ هو جيتوڻيڪ ننڊ هوندو آهي پر جسماني طور ايڪٽو هوندو آهي.

رانو جي بدلي ڪراچي زو پرائيوٽ زو کي ڇا ڏنو؟

سام زو پاران جانورن جي مٽا سٽا واري پروگرام تحت رانو کي 2017 ۾ ڪراچي زو حوالي ڪيو ويو،  رانو جي بدلي ڪراچي زو پرائيويٽ زو سام کي ڪجهہ ٻيا جانور ڏنا.

2017 کان 2025 تائين رانو جي زندگي عذاب ۾ گذري، گارڊن ۾ قائم چڙيا گهر ۾ هر وقت ماڻهن جي رش رھي ٿي، ٿڌي علائقي ۾ رھندڙ رانو کي هڪ تہ ڪراچي جهڙي گرم موسم ۾ رکيو ويو ٻيو تہ سڄو ڏينهن ماڻهن جي رش هئڻ ڪري سڪون واري ننڊ ڪرڻ بہ نہ ڏني وئي.

رانو جا ڏکيا ڏينهن هاڻي ختم ٿي ويا

رانو کي ڪراچي چڙيا گهر جي قيد مان آزاد ڪري پنهنجي اباڻي ڳوٺ گلگت بلتستان موڪلڻ جو حڪم ملي ويو آهي.

سنڌ هائي ڪورٽ جي جسٽس اقبال ڪلهوڙو جي عدالت پاران سنڌ حڪومت کي حڪم ڏنو ويو آهي تہ رانو کي پنهنجي اسلام آباد موڪليو وڃي، پر سنڌ حڪومت وڌيڪ بھتر تجويز پيش ڪئي تہ رانو کي اسلام آباد بدران اترين علائقن ۾ جيڪو سندس اباڻو ملڪ آھي اتي موڪليو وڃي جيڪا تجويز ساراھي وئي، سنڌ هائي ڪورٽ ۾ اينيمل رائٽس لاءِ ڪم ڪندڙ جيئوڊ ايلن پاران پنهنجي وڪيل جبران ناصر معرفت درخواست داخل ڪرائي وئي آهي ڄاڻايل درخواست تي هن وقت تائين عدالت ٽي ٻڌڻيون ڪري چڪي آهي جڏھن تہ ايندڙ ٻڌڻي 6 نومبر تي رکي وئي آهي.

عدالت ۾ ڪھڙا معاملا بحث ھيٺ آيا؟

عدالت ۾ اختيار ڪيل موقف ۽ استدعا سميت ٻڌڻين دوران ڏنل دليل سرڪاري موقف ۽ وائلڊ لائيف موقف تي لکبو تہ ڪهاڻي ڊگهي ٿي ويندي

پر خوشخبري اها آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي رانو کي اربع ڏينهن سي ون ٿرٽي جهاز ذريعي ڪراچي کان اسلام آباد منتقل ڪيو پيو وڃي. رانو کي ڪجهہ مهينا اسلام آباد جي ٿڌڙين هوائن ۾ رکڻ بعد گلگت شفٽ ڪيو ويندو، گلگت ۾ رانو جو گهر تعمير ڪرائڻ جو ڪم شروع ڪرايو ويو آهي.

سنڌ حڪومت رانو جي منتقلي لاءِ 25 لک جاري ڪيا

ماضي ۾ ڪراچي زو ۾ ايندڙ ماڻھو ٽڪيٽ وٺي داخل ٿيندا ھيا ۽ ان ٽڪيٽ مان جيڪڏھن رانو جي ڪمائي جو حصو ڪڍيو وڃي تہ اھو ججھي رقم برابر ھوندو. اھڙي طرح سنڌ حڪومت ڄڻ تہ سندس ئي ڪمائي مان رانو جي اسلام آباد منتقلي لاءِ 25 لک روپيا جاري ڪيا ويا جيڪي سندس منتقلي حوالي سان ۽ اترين علائقن۾ سندس رھائشي جي لاء  وڏو انڪلوزر ٺھرائڻ تي خرچ ٿيندا. منتقلي لاءِ جهاز جي مدد لاءِ پاڪستان ايئر فورس کي گزارش ڪئي وئي آهي. اربع ڏينهن پاڪستان ايئر فورس جي جهاز ذريعي رانو اسلام آباد روانو ٿي ويندو.

رانو کي سي ون ٿرٽي ذريعي اسلام آباد نيو ويندو

مغوي رانو جي آزادي لاءِ عدالت جي حڪم تي هڪ ڪميٽي پڻ قائم ڪئي وئي آهي جنهن کي رانو جي منتقلي جو چيو ويو آهي پر ڪميٽي کي ڪراچي چڙيا گهر ۾ باقي جانورن جي حالت تي پڻ رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي تہ 6 نومبر تي رانو جي منتقلي سميت باقي جانورن جي حالت بابت رپورٽ جمع ڪرائي ويندي. رپورٽ موجب چريا گهر ۾  اڪثر جانورن جي رھائشي حالت انتهائي خراب آهي. چڙيا گهر ۾ جانورن جي رھائشي حالتن بابت سنڌ ھاء ڪورٽ رپورٽ طلب ڪري ورتي آھي جيڪا ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ جمع ڪرائي ويندي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں