سي ٽي ڊي ڪراچي پاران غني امان چانڊيو ۽ سرمد ميراڻي جي گرفتاري ظاهر

فہرستِ مضامین

ڪراچي ۾ سي ٽي ڊي پاران نوجوان غني امان چانڊيو ۽ سرمد ميراڻي جي گرفتاري ظاھر ڪئي وئي آھي.

سي ٽي ڊي دعويٰ ڪئي آھي تہ مڇر ڪالوني ۾ ڪارروائي دوران غني امان چانڊيو ۽ سرمد ميراڻي کي گرفتار ڪيو ويو.

سي ٽي ڊي دعويٰ ڪئي تہ ٻنھي ڄڻن وٽان 2 دستي بم ۽ بارودي مواد ھٿ ڪيو ويو آھي.

سي ٽي ڊي ٻنھي ڄڻن تي پنج ڪيس داخل ھئڻ جي دعويٰ ڪندي چيو آھي تہ ٻنھي ڄڻن پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي نشانو بڻائڻ جي رٿابندي ڪئي ھئي، جنھن لاءِ ھٿيار پڻ خريد ڪيا ويا ھئا.

ياد رھي تہ ان کان اڳ غني امان چانڊيو ۽ سرمد ميراڻي جي گمشدگي خلاف سنڌ جي ننڍن وڏن شھرن ۾ احتجاجي مظاھرا ڪيا ويا ھئا….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں