ايِ چالان خلاف سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل

فہرستِ مضامین

ڪراچي ۾ ايِ چالان خلاف سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۾ ھڪ ٻي درخواست داخل ڪئي وئي آھي.

درخواست شھري جوھر عباس سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪئي، جنھن ۾ چيف سيڪريٽري، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ٽريفڪ، ڊائريڪٽر جنرل ايڪسائز اينڊ ٽيڪسيشن ۽ ڊي جي نادرا کي ڌر بڻايو ويو.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آھي تہ ٽريفڪ قانون جي ڀڃڪڙي تي لاڳو ڪيل ڏنڊ وڌيڪ ۽ غيرمنصفاڻو آھي، لاھور ۾ ٽريفڪ قانون جي ڀڃڪڙي تي ڏنڊ 200 رپيا جڏھن تہ ڪراچي ۾ 5 ھزار رپيا آھي.

درخواست موجب ڌرين کي هدايت ڪئي وڃي ته هو عدالت کي ڏنڊ جي منصفاڻي هجڻ بابت مطمئن ڪن.

درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته لاڳو ڪيل ڏنڊ کي فوري طور معطل ڪيو وڃي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں