سنڌ ايمپلائيز الائينس ۽ حڪومتي ڪميٽي وچ ۾ ڳالھيون ڪامياب

فہرستِ مضامین

سنڌ ايمپلائيز الائينس ۽ سنڌ حڪومت جــِي ڪميٽي وچ ۾ ڳالھيون ڪامياب ٿي ويون آھن.

ڪراچي ۾ سنڌ ايمپلائيز الائنس ۽ سنڌ حڪومت جي وفد وچ ۾ اجلاس ٿيو،  جنھن دوران مختلف معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو.

اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالھائيندي سنڌ ايمپلائيز الائنس جي صدر اشرف خاصخيلي جو چيو تہ گروپ انشورنس ۽ بينيوئل فنڊ بلوچستان جي طرز تي ڏنو ويندو، سنڌ حڪومت ڊي آر اي وفاقي حڪومت جي ماڊل تحت ڏيڻ تي راضي ٿي وئي آھي.

ھن چيو تہ ڊرافٽ سنڌ ڪابينا جي ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪيو ويندو،  سرڪاري ملازمن جي زبردست تحريڪ ڪامياب ٿي وئي آھي.

سندس چوڻ ھو تہ ھي مسئلا حل ٿيڻ بعد اڳتي ٻين مسئلن لاءِ جدوجھد ڪنداسين.

سنڌ جي سرڪاري ملازمن پاران حڪومت جي پينشن پاليسي ۽ ٻين مسئلن خلاف احتجاج شروع ڪيو ويو ھو.سنڌ جي مختلف شھرن ۾ اسڪولن ۽ ٻين ادارن جي تالابندي ڪري احتجاجي مظاھرا ڪيا ويا ھئا.

سرڪاري ملازمن جي احتجاج بعد سنڌ حڪومت ڪميٽي ٺاھي ملازمن سان ڳالھيون ڪيون ھيون

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں