ڪراچي: سنڌحڪومت ڪراچي کانپوءِ حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻي ۾ عورتن ۽ شاگردياڻين لاءِ اسڪوٽي ٽريننگ پروگرام شروع ڪرڻ سان گڏ وڌيڪ ٽن ضلعن ۾ پيپلز بس سروس کي وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آھي.
سينيئر وزير شرجيل ميمڻ جي صدارت ھيٺ ٽرانسپورٽ کاتي جو اھم اجلاس ٿيو، جنھن ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي
اجلاس ۾ ٽرانسپورٽ، ماس ٽرانزٽ جي جاري ۽ نون منصوبن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
اجلاس ۾ شرجيل ميمڻ ٻڌايو تہ يلو لائن بي آر ٽي جي اھم حصي تاج حيدر پل کي عوام لاءِ کولڻ سان گڏ گلشن معمار کان ٽاور تائين ايِ وي بس جو نئون روٽ شروع ڪري رھيا آھيون.
سينيئر وزير شرجيل ميمڻ چيو تہ سنڌ حڪومت عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ عملي قدم کڻي رھي آھي، حيدرآباد، لاڙڪاڻي ۽ سکر ۾ عورتن ۽ شاگردياڻين لاءِ اسڪوٽيز ھلائڻ جي تربيت ڏيڻ جي شروعات ڪئي پئي وڃي.
شرجيل ميمڻ چيو تہ عورتن ۽ شاگردياڻين کي اسڪوٽي ھلائڻ جي تربيت خانگي ڪمپني جي ڀائيواري سان ڏني ويندي، يلو لائن بي آر ٽي جو اهم حصو تاج حيدر پل مڪمل ٿي چڪي آهي ۽ جلد عوام لاءِ کولي ويندي.
ھن چيو تہ گلشن معمار کان ٽاور تائين 15 اي وي بسن تي ٻڌل نئون روٽ شروع ڪيو پيو وڃي، جيڪو شھرين کي جديد ۽ ماحول دوست ٽرانسپورٽ جي سهولت فراهم ڪندو.
شرجيل انعام ميمڻ چيو تہ خيرپور، شڪارپور ۽ نوشهرو فيروز ۾ به پيپلز بس سروس تحت 20 نيون بسون هلائيون وينديون ته جيئن سنڌ جي ٻين شهرن کي به معياري سفري سهولتون ملي سگهن.
سينيئر وزير وڌيڪ چيو تہ ڊبل ڊيڪر ۽ اي وي بسن جي نئين کيپ جلد ڪراچي پهچڻ واري آهي، ڊسمبر ۾ اي وي ٽيڪسي سروس جي شروعات ڪئي ويندي.
ھن ٻڌايو تہ شروعاتي مرحلي ۾ 30 پنڪ اي وي ٽيڪسين لاءِ عورت ڊرائيورن کي تربيت ڏيڻ جو منصوبو شروع ڪيو پيو وڃي