شڪارپور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت وڌيڪ 6 ڌاڙيلن کي جيل موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.
پوليس پاران سرينڊر ڪندڙ ۽ مختلف سنگين ڪيسن ۾ اشتھاري ۽ روپوش ڏوھارين محرم تيغاڻي، ڪرم الدين تيغاڻي، فريد تيغاڻي، شهمير تيغاڻي ۽ گلزار تيغاڻي کي اي ٽي سي ۾ پيش ڪيو.
اي ٽي سي ڪورٽ جي جج ڏوهارين کي جوڊيشل رمانڊ تي ڊسٽرڪٽ جيل موڪلڻ جا حڪم جاري ڪيا.
هوڏانهن ڇھين جوابدار حضورو عرف حضور بخش تيغاڻي کي فورٿ سول جج جي عدالت ۾ پيش ڪيو ، جنهن کي عدالت پڻ جوڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلڻ جو حڪم ڏنو.