وڳڻ واسڻ نينگري کي بازياب نہ ڪرائڻ تان آءِ جي سنڌ ذاتي حيثيت ۾ عدالت طلب

فہرستِ مضامین

لاڙڪاڻي جي عدالت وڳڻ واسڻ نينگري کي بازياب نہ ڪرائڻ تي آءِ جي سنڌ کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو آھي.

سنڌ ھاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ ۾ نينگري بلقيس جي بازيابي بابت درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دورانعدالت پاران نينگري جي بازياب نہ ٿيڻ تي ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ٻين تي ڪاوڙ جو اظھار  ڪيو ويو.

عدالت طرفان حڪم جي ڪاپي چيف سيڪريٽري ذريعي وڏي وزير مراد علي شاھ کي بہ اماڻي وئي.

درخواستگذار  معشوق علي جو موقف آهي ته وڳڻ ٿاڻي جي حد مان نينگري بلقيس کي 17 جون 2023ع تي جوابدارن منٺار ۽ حسين علي زيادتي جي ارادي سان اغوا ڪيو ھو.

درخواست موجب ڪيس داخل ڪرائڻ کانپوءِ جاچ آفيسر ٻنھي جوابدارن کي واقعي جو ڏوھي قرار ڏنو پر بعد ۾ رشوت وٺي جوابدارن سان ملي ڀڳت ڪري سندن گرفتاري کان پاسو ڪيو.

عدالت آءِ جي سنڌ کي طلب ڪندي ٻڌڻي 28 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آھي۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں