سنڌ اسيمبليءَ جـي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي آڊٽ رڪارڊ فراھم نہ ڪرڻ تي  ميونسپل ڪمشنرز سميت 14 آفيسر معطل

فہرستِ مضامین

ڪراچي(رپورٽ: شبير لاشاري) سنڌ اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ۾ آڊٽ رڪارڊ  فراھم نہ ڪرڻ تي بلديات کاتي جي لوڪل ڪائونسل جا 14 آفيسر معطل ڪيا ويا آھن.

پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي ھدايت تي مڪاني کاتي صوبائي وزير جي منظوري سان لوڪل ڪائونسلز جي 14 آفيسرن کي معطل ڪري شوڪاز نوٽيس جاري ڪرڻ جو نوٽيفڪشن جاري  ڪري ڇڏيو.

پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي وٽ آڊٽ رڪارڊ جمع نہ ڪرائڻ تي معطل ٿيل آفيسرن ۾ ميونسپل ڪارپوريشن ميرپورخاص جو ميونسپل ڪمشنر انيس الرحمان سيال، ٽائون ميونسپل ڪمشنر ميرپورخاص ممتاز علي چنو،ميونسپل ڪميٽي مٺي جي چيف ميونسپل آفيسر سعيد احمد بروھي شامل آھن.

معطل ٿيندڙ لوڪل ڪائونسل جي ٻين آفيسرن ۾  ٽيڪسيشن آفيسر جھڏو عظمت حسين منگي، ٽائون ڪميٽي اسلام ڪوٽ ۽ چيلھار جي ٽائون آفيسر امتياز علي راھپوٽو ، ٽائون ڪميٽي کوسڪي جو ٽائون آفيسر ذوالفقار علي ڪيھر شامل آھن.

معطل ٿيندڙن ۾ ٽائون آفيسرڪاشف ٿھيم،ٽائون آفيسر ثناءَ اللھ ابڙو،ٽائون دلاور مڱريو ،ٽائون آفيسر زاھد علي ناريجو بہ شامل آھن.

پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چيئرمين نثار کھڙو چيو آھي تہ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي کي رڪارڊ فراھم نہ ڪندڙآفيسر غفلت جا ذميوار ٿيا  آھن.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں