چڪ ويجھو وڻن جي واڍي تان مھر برادري ٻن ڌرين ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا. ڳوٺ عامل ۾ زمين تان واڻن جي واڍي تان ٻن ڌرين ۾جھيڙو ٿي پيو، جنھن دوران ڌرين ھڪٻئي تي فائرنگ ڪئي.
فائرنگ ۾ راهب پٽ علي محمد ،سرور پٽ حاڪم مهر ۽ اعتبار پٽ جمال الدين مارجي ويا، جڏھن تہ 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
ٽن ڄڻن جي قتل بعد ڌريون مورچابند ٿي ويون، علائقي ۾ ڏھڪاءُ پکڙجي ويو آھي.
پوليس جو چوڻ آھي تہ ٻئي ڌريون پاڻ ۾ سئوٽ آھن، واقعو وڻن جي واڍي تان پيش آيو.