ٺٽي واسڻ شاھدا سومرو آمريڪا ۾ ٽي ڀيرا اليڪشن ۾ ڪاميابي بعد چوٿين  ڀيري ميدان تي لٿل، ھوءَ سياست ۾ آئي ڪيئن؟

فہرستِ مضامین

منھنجو نالو شاھدا سومرو آھي، آئون سنڌ جي ضلعي ٺٽي سان تعلق رکان ٿي، آمريڪا ۾ چونڊون وڙھڻ پٺيان منطق ڇا آھي؟ اِھي لفظ شاھدا سومرو جا آھن، جيڪا آمريڪي شھر ڪنيڪٽيڪٽ ۾ مڪاني چونڊن ۾ حصو وٺي رھي آھي.

شاھدا سومرو سياست ۾ آئي ڪيئن؟

شاھدا سومرو ڊبليو ٽي اين ڏانھن اماڻيل وڊيو ۾ ”ھوءَ سياست ۾ ڪيئن آئي“ واري سوال جي جواب ۾ ٻڌائي ٿي تہ اصل ۾ منھنجي وڏي پٽ کي فوڊ الرجي ھئي، جنھن سبب ھڪ گروپ جوائن ڪيو، جيڪو الرجي تي ڪم ڪندو ھو.

شاھدا سومرو ٻڌائي ٿي تہ گروپ جي اسائنمينٽ تي شھر جي مختلف علائقن ڏانھن ميمبرز سان گڏ وڃڻ جو سلسلو شروع ٿيو،فوڊ پاليسي تي عملدرآمد ۽ آگاھي ڏيڻ مقصد ھو، شھرين کي خبر ئي نہ ھئي تہ فوڊ الرجي بہ ڪا شئي آھي، يا ائين کڻي چئو تہ فوڊ (کاڌي پيتي) سان بہ ڪا الرجي ٿي سگھي ٿي.

شاھدا سومرو ٻڌائي ٿي تہ گروپ ۾ ايڪٽو ٿي ويس، اُن گروپ ۾ ھڪ ڇوڪري سان دوستي ٿي، جنھن ڊيموڪريٽس ميٽنگس ۾ اچڻ جي صلاح ڏني.

ھر مھيني ٽائون جي ميٽنگ ٿيندي آھي، اُن ۾ شرڪت ڪرڻ لڳيس تہ رابطا وڌيا، 2018 ۾ آر ٽي ايم ، ريپرزينٽو ٽائون ميٽنگ، اُن جا 30 ميمبر ھوندا آھن، 2018 ۾ آر ٽي ايم جو ھڪ ميمبر ڇڏي ھليو ويو، اُنھن کي ري پليس لاءِ ميمبر گھربل ھو.

ھوءَ ٻڌائي ٿي تہ اسان کان پڇيو ويو تہ ڇا اوھان سياست ۾ ايندا، اليڪشن ڀلي نہ وڙھجو، پر گروپ ۾ شامل ٿيو، ائين ئي سياست ۾ انٽري ٿي وئي.

پھرين اليڪشن ۾ مخالف کي شڪست ڏني

2019 ۾ اسان جي اليڪشن ٿي ۽ اُھا پھرين اليڪشن جنھن ۾ شاھدا ڪاميابي ماڻي، لاڳيتو سياست بہ ڪري ٿي ۽ ڪاميابيون بہ ماڻي رھي ٿي.

شاھدا سومرو ٻڌائي ٿي تہ شھرين کي آگاھي سان گڏ ڪميونٽي سان جڙيل بہ رھان ٿي، جنھن سان اِھو پتو پوي ٿو تہ عام ماڻھن جا مسئلا ڪھڙا آھن، اُنھن کي ڪيئن ڊيل ڪجي، سياسي حل ڪيئن ڪڍجي، اھو پتو اسان کي گرائونڊ ۾ پيو، عوامي مسئلا حل ڪيا ۽ ھاڻ ھر سال اليڪشن ۾ حصو وٺندي آھيان.

شاھدا سومرو چوٿين ڀيري اليڪشن ۾ حصو وٺي رھي آھي

شاھدا سومرو ٻڌائي ٿي تہ ھوءَ چوٿين ڀيري اليڪشن ۾ حصو وٺي رھي آھي، مڪاني نظام فيڊرل نظام کان تمام گھڻو مختلف ھوندو آھي، سياست ۾ مختلف ھوندي آھي، اسان جو ڪم لوڪل اشوز کي نروار ڪرڻ ۽ حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ ھوندو آھي.

شاھدا سومرو ٻڌائي ٿي تہ ڪنيڪٽيڪٽ شھر ۾ 7 ضلعا آھن ۽ ھوءَ چار نمبر ضلعي مان اليڪشن ۾ حصو وٺي رھي آھي، چونڊن ۾ ون آن ون مقابلو ناھي ٿيندو، 8 ميمبرز ميدان تي لھندا آھن، چار ڊيموڪريٽ ۽ چار ري پبلڪن جا ميمبرز ھوندا آھن، جيڪو اڪثريت ۾ ھوندو آھي، ڪڏھن ڊيموڪريٽ سوڀ حاصل ڪندا آھن تہ ڪڏھن ري پبلڪن، جيڪڏھن اسان جو گروپ کٽي ويو تہ  چار ميمبرز کڻندا آھيون ۽ ري پبلڪن ھارائي ويا تہ اُن جا 2 ميمبر کپندا آھن، مقصد ٽيم ٺاھي عوامي مسئلا حل ڪرڻ ھوندو آھي.

پھرين سنڌياڻي آھيان جيڪا ھن ضلعي مان اليڪشن وڙھان پئي

شاھدا سومرو ٻڌائي ٿي تہ اسان جي ضلعي مان آئون پھرين سنڌياڻي آھيان، جيڪا اليڪشن وڙھان پئي ۽ ٽي ڀيرا ڪاميابي ماڻڻ کانپوءِ چوٿين ڀيري چونڊون وڙھڻ لاءِ ميدان تي لٿي آھيان. مختلف اشوز تي ڪم ڪندا آھيون پر آئون تعليم تي وڌيڪ زور ڀريندي آھيان، نوان روڊ ھجن، نوان ڪاروبار ھجن، چار نومبر تي اليڪشن آھي.

ڪنٽيڪٽيڪٽ   ۾ نظام ڪيئن ھلندو آھي؟

ڪنٽيڪٽيڪٽ  آمريڪا جو اھم شھر آھي، جنھن ۾ انتظامي ادارا نه رهيا آهن ، 1960ع کان وٺي ڪنٽيڪٽيڪٽ جي ضلعن جا حڪومتن وارا فنڪشن (جهڙوڪ پوليس، عدالتون، وغيره) ختم ڪيا ويا. هاڻي ضلعا رڳو شماريات، چونڊن، ۽ جغرافيائي حوالن لاءِ استعمال ٿين ٿا.  اصل انتظامي پاور شهري يا ٽائون (town) سطح تي آهي. ڪنٽيڪٽيڪٽ جا ضلعا تعليم، روزگار، صحت، ۽ چرپر حمل جي پاليسين جي تجزيي ۾ استعمال ٿين ٿا.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں