آصف زرداري جي دفاع لاءِ بندوق کڻي مورچو سنڀاليندڙ آغا سراج دراني بابت اسان ڇا ٿا ڄاڻون؟

فہرستِ مضامین

سنڌ اسيمبلي ۾ 2 ڀيرا اسپيڪر رھندڙ، شھيد بينظير ڀٽو جي ڀاءُ شھيد مير مرتضيٰ ڀٽو سان ايڪشن ۾ مھاڏو اٽڪائيندڙ، ڪماريو خاندان کي سياسي طور ڪيئي ڀيرا شڪست ڏيندڙ، آصف زرداري جي دفاع لاءِ بندوق کڻي مورچو سنڀاليدڙ آغا سراج دراني اڄ لاڏاڻو ڪري ويو آھي.

آغا سراج دراني جي سيپٽمبر جي شروعات ۾ اوچتو طبيعت خراب ٿي ھئي، کيس ڪراچي جي ضياءَ الدين اسپتال ۾  داخل ڪرايو ويو، جتي ھو ڏاڍ مھيني کان وڌيڪ عرصو وينٽي ليٽر تي ھو.

پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاھ سميت پيپلز پارٽي جا اڳواڻ توڙي آغا سراج دراني جا ويجھا دوست ۽ مٽ مائٽ اسپتال ۾ عيادت لاءِ ايندا رھيا پر اڳوڻو اسپيڪر وينٽي ليٽر تي ھجڻ سبب سندس پٽ سان اسپتال ٻاھران عيادت ڪري کين واپس وڃڻو پيو.

ذريعن موجب آغا سراج دراني کي فالج جو اٽيڪ ٿيو ھو، پر خانداني ذريعن تصديق نہ ڪئي ھئي، ڊاڪٽرز موجب بلڊ پريشر ڪنٽرول نہ ٿيڻ سبب اڳوڻي اسپيڪر کي وينٽي ليٽر تي رکيو ويو ھو، آغا سراج دراني کي ڪھڙي مرض سبب اسپتال آندو ويو، اِھو معاملو ڳجھو رکيو ويو ھو، اڄ صبح خبر سامھون آئي تہ آغا سراج دراني لاڏاڻو ڪري ويو، سندس عمر 72 سال ھئي.

آغا سراج دراني ڪير ۽ سياست ۾ ڪڏھن آيو؟

آغا سراج دراني 5 آڪٽوبر 1953ع  تي جنم ورتو، سندس والد آغا صدرالدين دراني سلطان ڪوٽ جو بااثر شخص ھو ۽ 1971 ۽ 1977ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومتن دوران سنڌ اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر ۽ اسپيڪر رهيو.

آغا سراج دراني1971ع ۾ ڪراچي جي سينٽ پيٽرڪ اسڪول مان آصف زرداري سان گڏ شروعاتي تعليم حاصل ڪئي، پنهنجي سينيئر ساٿي سيد قائم علي شاهه جيان دراني بہ ڪراچي جي سنڌ مسلم لا ڪاليج مان ايل ايل بي ڪئي ھئي.

آغا سراج دراني پھريون ڀيرو 1985ع  ۾ جنرل ضياءَ  الحق جي آمريت واري دور ۾ وڏي ڀاءُ آغا صلاح الدين سان گڏ آزاد حيثيت ۾ چونڊن ۾ حصو ورتو ۽ ھارائي ويو، آغا صلاح الدين، جيڪو ڪجهه سالن کانپوءِ هڪ پڪنڪ دوران ٻڏي فوت ٿي ويو ھو، اُن کي اليڪشن ۾ ندير خان ڪماريو خلاف رڳو 809 ووٽ مليا، جڏهن ته ڪماريو کي 26,000 کان وڌيڪ ووٽ مليا ھئا.

آغا سراج دراني جو نتيجو ان کان به خراب رهيو، هن کي غوث بخش خان خلاف رڳو 771 ووٽ کنيا، جڏهن ته غوث بخش خان کي 33,000 کان وڌيڪ ووٽ مليا ھئا.

1988ع ۾ جنرل ضياء الحق جي دور جي خاتمي کانپوءِ پارٽي بنيادن تي چونڊون ٿيون، آغا سراج دراني پنھنجي روايتي مخالف نذير خان ڪماريو کي شڪست ڏني، آغا سراج دراني ھن ڀيري شھيد بينظير ڀٽو جي جماعت جي پليٽ فارم تان اليڪشن وڙھيو ھو.

آغا سراج دراني آصف زرداري لاءِ بندوق کنئي ھئي

اِھا 1970 جي ڏھاڪي جي ڳالھ آھي، جڏھن ڪراچي ۾ زرداري ۽ بگٽي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڇڪتاڻ ٿي، ميٽرو پول جي سمر ڪلب ۾ جھيڙي بعد معاملو ايترو وڌي ويو جو بگٽي برادري جي نوجوانن آصف زرداري ۽ سندس دوستن جو پيڇو ڪيو، اُن وقت آغا سراج دراني ھٿ ۾ بندوق کڻي ڇت تي مورچو سنڀالي پنھنجي دوستن جو دفاع ڪيو ھو، اُتان آصف زرداري ۽ آغا سراج دراني ھڪٻئي جا ويجھا دوست ٿيا، ھڪٻئي جا رازدان بہ بڻيا.

نواز شريف پاڪستان جو وزير اعظم ھو ۽ سيف الرحمان احتساب بيورو جو سربراھ ھو، اُن وقت آصف زرداري کي گرفتار ڪري سي آءِ اي سينٽرل منتقل ڪيو ويو، جتي مٿس تشدد جو نشانو بڻائڻ جون خبرون سامھون آيون تہ آغا سراج دراني ۽ ڊاڪٽر ذوالفقار علي مرزا  اُتي پھتا ۽ اختيارين سان جھيڙي بعد آصف زرداري کي اسپتال منتقل ڪرايو ھو.

آغا سراج دراني جو والد والد آغا صدرالدين، 1971 ۽ 1977ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومتن دوران سنڌ اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر ۽ اسپيڪر رهيو ۽ پ پ پ جو سچو وفادار هو.

آغا صدر الدين ذوالفقار علي ڀٽو جي شخصيت مان تمام گھڻو متاثر ھو، دراني ڀٽو جي لائيف اسٽائل ۽ تعليمي ڊگريز تي وڌيڪ فوڪس ڪندو ھو، ھُن بہ لنڊن مان لا جي ڊگري حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪجھ سببن جي ڪري نہ ڪري سگھيو، ھُن آمريڪا جي يونيورسٽي آف ٽيڪساس ۾ بزنس ايڊمنسٽريشن جي پروگرام ۾ داخلا ورتي، جيڪا به هڪ سال بعد ڇڏي ڏني.

آغا سراج دراني جو چاچو آغا بدرالدين 1940ع واري ڏهاڪي ۾ سنڌ اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر رهيو. اهو چيو ويندو آهي ته آغا بدرالدين انهن مشهور مسلم ليگ اڳواڻن مان هو، جن پاڪستان لاءِ ٺهراءُ لکيو ۽ پاس ڪرائڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو. مشهور آهي ته هن اهو ٺهراءُ پنهنجي رت سان صحيح ڪري لکيو. هو 1950ع واري ڏهاڪي ۾ سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر به رهيو.

آغا بدرالدين جڏهن سکر لوڪل بورڊ جو چيئرمين هو، تڏهن هن ٻارن لاءِ ميٽرڪ تائين مفت تعليم فراهم ڪئي، جڏهن ته ملڪ ۾ تعليم مفت نه هئي.

آغا سراج جو والد، آغا صدرالدين، 1971ع ۾ گهوٽڪي مان آزاد اميدوار طور چونڊجي آيو ۽ بعد ۾ پ پ ۾ شامل ٿيو، آغا صدرالدين هڪ مڪينيڪل انجنيئر هو، جنهن پنهنجي وڏي حويلي ۾ هڪ ننڍڙو سينيما گهر ۽ ريلوي اسٽيشن ٺاهي هئي. سينيما صرف خاندان لاءِ مخصوص هوندي هئي جتي پاڪستاني ۽ ڀارتي فلمون ھلنديون ھيون، گهوٽڪي وارا پنهنجن ٻارن سان گڏ ننڍڙن ريل ڪارز تي سواري جو لطف وٺي سگھندا هئا. اها ننڍڙي ريلوي، هڪ لوڪوموٽو ۽ ٽن گاڏين تي مشتمل هئي ۽ اڌ ايڪڙ تي پکڙيل هئي.

آغا سراج جو ڏاڏو، آغا شمس الدين هڪ مشهور موسيقار، ڳائڻو ۽ شاعر هو، جنهن پنهنجي حويلي ۾ “آشيانا” نالي هڪ عظيم لائبرري قائم ڪئي، جيڪا اڌ ايڪڙ تي پکڙيل هئي، جرمني جي مشهور اسڪالر، انيماري شيمل سميت ڪيترائي اسڪالر اتي مهمان ٿي آيا هئا.

بينظير ڀٽو: دراني ڪتاب تہ ناھين پڙھندو

دراني خاندان جو حوالو ڏئي لکيو ويندو آھي تہ آغا سراج دراني محترمه بينظير ڀٽو ان لائبرري جو وزٽ ڪرايو، جيڪا بينظير ڀٽو کي تمام گھڻي متاثر ڪري وئي،هزارين ڪتاب ڏسڻ کانپوءِ، محترمه بينظير ڀٽو سراج دراني کي چيو ته، ‘مان ڪڏهن تصور به نه ڪيو هو ته اوھان جي خاندان وٽ اهڙي شاندار لائبرري ھوندي.

بينظير ڀٽو آغا سراج دراني سان مخاطب ٿيندي چيو تہ پر سراج، مان توکي ڪڏهن به ڪتاب هٿ ۾ کڻي پڙھندي ناھي ڏٺو.

آغا سراج دراني 1993ع جي چونڊن ۾ مير مرتضى ڀٽو کي شڪست ڏني، پر 1997ع جي چونڊن ۾ کيس ڪماريو طرفان شڪست ملي، جيڪا سندس پ پ پ سان سياسي وابستگي جي دوران پهرين شڪست هئي.

1990ع ۾ کيس نواز شريف جي پهرين حڪومت دوران ڪيترن ئي ڪرپشن ڪيسن تحت گرفتار ڪيو ويو ۽ ڪجهه وقت جيل ۾ رهيو. پيپلز پارٽي ان کي سياسي انتقام قرار ڏنو.

گذريل پيپلز پارٽي حڪومت ۾ هو مڪاني حڪومت جو وزير رهيو ۽ 2 ڀيرا اسپيڪر بہ رھيو، دراني خاندان سنڌ ۾ واحد خاندان آھي، جنھن کي نسل در نسل سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر شپ جو اعزاز حاصل ٿيندو رھيو.

آغا سراج دراني پير پاڳاري جو ناٺي ھو

سلطان ڪوٽ جي دراني خاندان ۽ حُرن جي روحاني پيشوا پير پاڳاري خاندان ۾ تمام گھڻي ويجھڙائي ھئي، آغا سراج دراني پاڳارا خاندان جو ناٺي بہ ھو، ڊان نيوز موجب آغا سراج دراني پير پاڳاري صبغت الله شاهه، جي ڀيڻ سان شادي ڪئي ھئي.

آغا سراج دراني تي مختلف وقتن تي ڪرپشن ۽ ٻيا سنگين نوعيت الزام لڳا، گرفتاري بہ ٿيو ھو.

آغا سراج دراني زندگي جي آخري سالن ۾ تڪراري بہ رھيو، سوشل ميڊيا تي سندس ھڪ وڊيو وائرل ٿي ھئي، جنھن ۾ مقامي ووٽرز سھولتن جي کوٽ جون دانھون ڪيون ۽ چيو تہ ”اوھان اسان جي ووٽ تي ڪامياب ٿيا آھيو“ تڏھن آغا سراج دراني کيس جواب ڏنو ھو تہ، آئون تنھنجي ووٽ تي…. نٿو ڪيان،  دراني جي ھيءَ وڊيو وائرل ٿي ھئي ۽ مٿس تنقيد  بہ ڪئي وئي ھئي، بعد ۾ ھُن وضاحتون بہ ڪيون ھيون.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں