سڪرنڊ ۾ معصوم ٻارڙي جي قتل الزام ۾ گرفتار سندس مامو پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو

فہرستِ مضامین

سڪرنڊ ۾ بيدردي سان قتل ڪيل معصوم ٻارڙي ھير باگڙي جي قتل ۾ ملوث سندس مامو مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو.

سون جي والين لاءِ وحشي جوابدار اوم پرڪاش پنھنجي معصوم ڀاڻيجي ھير باگڙي جو نڪ، ڪن، ڳلو ۽ ٻانھن ڪپي کيس بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو ھو.

سڪرنڊ پوليس جو چوڻ آھي تہ مارجي ويل جوابدار اوم پرڪاش باگڙي نينگري ھير باگڙي جو مامو آھي، پوليس موجب سي سي ٽي وي جي مدد ۽ ٽيڪنيڪل جيو فينسنگ استعمال ڪندي شڪي جوابدار کي ڳولي لڌو ويو.

پوليس جو چوڻ آھي تہ نينگري جي ڪٽيل ٻانھن ۽ ٻيون شاھديون حاصل ڪرڻ لاءِ جوابدار کي واردات واري ھنڌ وٺي وياسين تہ ھن فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، جنھن دوران فائرنگ ۾ مارجي ويو.

ايس ايس پي شهيد بينظير آباد، شبير سيٺار، پوليس ٽيم جي تڪڙي ۽ اثرائتي ڪارروائي جي تعريف ڪئي ۽ چيو تہ اسان ڪنهن به ظالم قاتل کي قانون جي پڪڙ مان ڀڄڻ نه ڏينداسين. اهو اِنهن جو انجام آهي جيڪي پوليس جي ڪارروائي دوران مزاحمت ڪن ٿا.

پوليس موجب ھيرباگڙي نواب ولي محمد خان کان سڪرنڊ مامن وٽ گھمڻ آئي ھئي، جتي سندس سڳي مامي سون جي والين جي لالچ ۾ کيس بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو ھو ۽ لاش جا عضوا ڪٽي ۽ تذليل ڪئي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں