شھدادڪوٽ: قمبر جا چانڊيا ڀائر ايس ايس پي قمبرشھدادڪوٽ جي آفيس پھچي ويا، وارھ ۾ ڦر واقعي بابت تفصيل ٻڌايا ۽ جوابدار پڪڙڻ جي گذارش ڪئي.
ايم پي اي نواب سردار چانڊيو، ايم پي اي برھان چانڊيو، لشڪر خان چانڊيو ۽ سندن ساٿين ايس ايس پي قمبر شھدادڪوٽ ساجد امير سدزوئي سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي.
چانڊيا ڀائرن وارھہ ۾ پيش آيل ڦر جي واقعي کانپوءِ واري صورتحال تي ايس ايس پي کان ڄاڻ ورتي، سردار چانڊيو ۽ برھان چيو تہ ڦر واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي ھر حالت ۾ جلد گرفتار ڪيو وڃي.
سردار چانڊيو ۽ برھان چانڊيو چيو تہ وارھ واسي مطمئن رھن، ڏوھارين خلاف سخت ڪارروائي ضرور ٿيندي.
ايس ايس پي ايس ايس پي ساجد امير سدوزئي چيو تہ اسان جي ٽيم ڦر واقعي ۾ ملوث ڏوهارين جي پٺيان لڳل آهي، کين جلد انجام تائين رسايو ويندو، امن امان بحال رکڻ پھرين ذميواري آهي.
ياد رھي تہ وارھ جي مارڪيٽ مان ڦر جو واقعو پيش آيو، ڦورن جي فائرنگ ۾ پوليس عملدار زخمي ٿيا، جڏھن تہ شھرين ڌرڻو ھنيو ھو.