شڪارپور لڳ ريلوي ٽريڪ تي ڌماڪو، جعفر ايڪسپريس جون 4 بوگيون پٽڙي تان لھي ويون، 7 مسافر زخمي: جوابدارن کي بخش نہ ڪنداسين: مراد علي شاھ

فہرستِ مضامین

شڪارپور لڳ سلطان ڪوٽ ۾ ريلوي ٽريڪ تي ڌماڪي سبب جعفر ايڪسپريس جون چار بوگيون پٽڙي تان لھي ويون، حادثي ۾ ھڪ معصوم ٻارڙي سميت 7 مسافر زخمي ٿي پيا، جڏھن تہ مختلف ٽرينن کي روڪيو ويو.

ضلعي انتظاميا موجب واقعو صبح ساڍي اٺين وڳي ان وقت پيش آيو جڏھن جعفر ايڪسپريس پنھنجي منزل ڏانھن وڃي رھي ھئي.

ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور موجب واقعي بعد پوليس ۽ بم ڊسپوزل اسڪواڊ پھچي صورتحال ڪنٽرول ۾ آندي، جڏھن تہ زخمين کي مختلف اسپتالن ڏانھن منتقل ڪيو ويو.

ڊپٽي ڪمشنر ٻڌايو تہ ڌماڪي ۾ ڪھڙي نوعيت جو بارود استعمال ڪيو ويو، ريمورٽ ڪنٽرول ھو يا  ٻيو ڪجھ، ان حوالي سان بم ڊسپوزل اسڪواڊ ۽ پوليس اختياريون جاچ ڪري رھيون آھن.

ڇھين نمبر بوگي سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي

جعفر ايڪسپريس ۾ سوار مسافرن ڊبليو ٽي اين کي ٻڌايو تہ ھو ننڊ ستل ھئا، جڏھن ڌماڪو ٿيو، حملي سبب سڀ کان وڌيڪ ڇھين نمبر بوگي وڌيڪ متاثر ٿي، جڏھن تہ فائرنگ جا آواز بہ ٻڌڻ ۾ آيا.

سنڌ اسيمبلي جي ميمبر امتياز شيخ ۽ ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪارپور اسپتال پھچي زخمين جي عيادت ڪئي ۽ تفصيل معلوم ڪيا.

مراد علي شاھ پاران آءِ جي سنڌ کان رپورٽ طلب

سنڌ جي وڏي وزير مردا علي شاھ شڪارپور لڳ ريلوي ٽريڪ تي ڌماڪي جو نوٽيس وٺندي آءِ جي سنڌ کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آھي، جڏھن تہ زخمين کي بھتر طبي امداد ڏيڻ جي ھدايت ڪئي آھي.

وزير اعليٰ ھائوس مان جاري بيان ۾  مراد علي شاھ ڪمشنر لاڙڪاڻو کي ھدايت ڪئي آھي تہ ريسڪيو ٽيمن کي فوري طور واقعي واري ھنڌ موڪلي زخمين کي اسپتال منتقل ڪري کين بھتر طبي امداد ڏني وڃي

آءِ جي سنڌ وڏي وزير مراد علي شاھ کي ٻڌايو تہ پوليس ۽ بم ڊسپوزل اسڪواڊ واقعي واري ھنڌ موجود آھن.

ايس ايس پي شڪارپور کي ٽاسڪ

صوبائي گھرو وزير ضياءَ الحسن لنجار شڪارپور لڳ سلطان ڪوٽ ۾ جعفر ايڪسپريس تي حملي جو نوٽيس ورتو، ايس ايس پي شڪارپور کان تفصيل طلب ڪري ورتا آھن.

ياد رھي تہ سلطان ڪوٽ وٽ ريلوي ٽريڪ تي ڌماڪي سبب پشاور کان ڪوئيٽا ويندڙ جعفر ايڪپسريس جون 2 بوگيون پٽڙي تان لھي ويون، ڌماڪي ۾ 7 ڄڻا ٿيا ھئا.

ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور موجب بم ڊسپوزل اسڪواڊ جاچ ڪري رھيو آھي تہ ڌماڪو ڪھڙي نوعيت جو ھو

گھرو وزير ضياءَ الحسن لنجار ريلوي ٽريڪ تي ڌماڪي جو نوٽيس وٺندي دھشتگردن کي جلد گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو آھي.

ضياءَ الحسن لنجار پوليس کي ھدايت ڪئي آھي تہ جوڳن شاھدين ۽ جاچ ذريعي جوابدارن تائين پھچي کين گرفتار ڪيو وڃي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں