ياسر حسين
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ غزھ اسرائيلي جنگ جو ٻہ رياستي حل جو مسودو پيش ڪيوآھي، اسرائيل ۽ حماس طرفان اِھي شرط مڃڻ جي صورت ۾ غزھ ۾ ڪھڙي صورتحال ٿيندي؟ فلسطينين جو مستقبل ڇا ھوندو؟ غزہ ۾ زندگي جي بحالي ڪيئن ممڪن ٿيندي؟ تباھ ٿيل شھر ٻيھر ڪيئن تعمير ٿيندو؟ نئين فورس جو قيام ڪھڙي بنيادن ۽ مقصدن لاءِ ٿيندو، اچو تہ اِنھن سڀني سوالن بابت ٽرمپ جي نئين مسودي مان جواب ڳولڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا.
وائٽ هائوس جي سرڪاري ويب سائيٽ تي پيش ڪيل مسودي جا مڪمل تفصيل ھيءَ آھن.
غزھ دهشتگردي کان پاڪ علائقو هوندو، جنھن مان پاڙيسرين کي ڪو خطرو نہ ھوندو، اسرائيلي بمباري ۾ تباھ ٿيل غزھ شھر کي ٻيھر تعمير ڪيو ويندو.
اسرائيل ۽ حماس ٽرمپ جي تجويز تي راضي ٿيا تہ جنگ فوري ختم ٿي ويندي، اسرائيلي فوج غزہ ۾ ڪارروايون روڪي ڇڏيندي ۽ فوري طور تي واپسي جي تياري ڪندي تہ جيئن قيدين جي مٽا سٽا جو عمل شروع ٿئي.
اسرائيلي فوج يقيني بڻائيندي تہ جيڪي فلسطيني غزہ ڇڏڻ چاھين ٿا اُنھن جي لڏ پلاڻ مڪمل ٿيڻ تائين ڪنھن بہ قسم جي عسڪري ڪارروائي نہ ڪندي.
فلسطين ۽ اسرائيل قيدين جي مٽا سٽا ڪندا

جيڪڏھن اسرائيل معاھدي تي راضي ٿئي ٿو تہ کيس 72 ڪلاڪن اندر فلسطيني قيدين(جيئرا يا مئل) واپس ڪندو، اسرائيلي قيد خانن ۾ 250 فلسطيني قيدين کان سواءِ، 7 آڪٽوبر 2023 کان پوءِ غزہ مان گرفتار ڪيل 1700 قيدين کي آزاد ڪندو، جن ۾ عورتون ۽ ٻار بہ شامل آهن. اسرائيل حماس طرفان پنھنجي ھڪ قيدي جي لاش جي بدلي 15 فلسطينين جا لاش واپس ڪندو.
سڀني يرغمالين جي واپسي کانپوءِ، حماس جا اهي ميمبر جيڪي پرامن ۽ ھٿيارن کان پاڪ غزہ جو واعدو ڪيو، اُھي ھٿيار ڦٽا ڪندا تہ کين عام معافي ڏني ويندي، حماس جا اُھي اڳواڻ جيڪي غزہ ڇڏڻ چاھيندا اُنھن کي رستو ڏنو ويندو.
حماس ۽ اسرائيل ھِن معاھدي تي عمل لاءِ راضي ٿين ٿا ۽ اِنھن وچ ۾ معاھدو ٿيڻ جي شرط تي آمريڪا غزہ ۾ امداد موڪليندو، غزہ شھر جي ٻيھر اڏاوت، پاڻي، بجلي ۽ ٻين سھولتن جي فوري فراھمي يقيني بڻائيندو.
غزہ شھر جي ٻيھر اڏاوت ۽ نئين حڪومت جو قيام
غزہ پٽي ۾ امداد جي ورھاست توڙي شھر جي ٻيھر اڏاوت واري عمل کان اسرائيل ۽ حماس ٻئي پري رھندا، مداخلت نہ ڪندا، اِھي ڪم گڏيل قومن جا ادارا ڪندا، اھڙي ڪنھن بہ تنظيم کي مداخلت جي اجازت نہ ھوندي جيڪا اسرائيل يا حماس جي حمايتي ھوندي.
غزہ ۾ ٽيڪنوڪريٽڪ، غير سياسي ڪميٽي قائم ڪئي ويندي، جنھن ۾ ٽيڪنوڪريٽس، عام فلسطيني شامل ھوندا، اُن ڪميٽي کي عوامي ڀلائي ۽ بلدياتي ادارا ھلائڻ جو ذمو ڏنو ويندو، ڪميٽي ۾ مقامي فلسطيني ۽ گڏيل قومن جا نمائندا شامل ھوندا، ھن ڪميٽي جي نگراني واري هڪ نئون بين الاقوامي عبوري ادارو ’بورڊ آف پيس‘ قائم ڪيو ويندو، جنهن جي قيادت صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاڻ ڪندو، بورڊ ۾ برطانيه جي اڳوڻي وزيراعظم ٽوني بليئر پڻ شامل هوندا جڏهن ته ٻين ميمبرن ۽ سربراهن جو اعلان پڻ ڪيو ويندو. اهو ادارو غزہ جي بحالي لاءِ فريم ورڪ تي ڪم ڪندو ۽ ان وقت تائين فنڊ سنڀاليندو جيستائين فلسطيني اٿارٽي مڪمل طور ڪنٽرول سنڀاليندي رھندي ۽ اصلاحاتي پروگرام مڪمل نه ڪندي.
ٽرمپ اِن مسودي کي 2020 واري سعودي فرانٽر منصوبي سان ڀيٽيو آھي.
ٽرمپ غزہ جي ٻيھر بحالي ۽ نئين سر اڏاوت لاءِ ماھرن تي ٻڌل پينل تيار ڪندو، جيڪي وڇ اوڀر جي جديد شھرن جيان غزہ ۾ اڏاوت ڪندا، ھڪ اقتصادي زون بہ قائم ڪيو ويندو، جنھن مقصد ٽئڪس وصولي ھوندو.
ڪنھن بہ ماڻھو کي زبردستي غزہ ڇڏڻ تي مجبور نہ ڪيو ويندو، جيڪو ڇڏڻ چاھيندو اُن کي روڪيو نہ ويندو يا وري جيڪي جنگ دوران علائقو ڇڏي ويا آھن اُنھن جي واپسي ۾ ڪير رنڊڪ نہ وجھندو.
حماس ۽ ٻيا ويڙھاڪ ڌڙا ٽرمپ جي ھن مسودي تحت اسرائيل سان ٺاھ ڪندا تہ پوءِ غزہ جي حڪمراني ۾ سڌي ريت يا اڻ سڌي ريت اُنھن جو دخل نہ ھوندو، غزہ پٽي ۾ موجود سرنگن، باودي مواد يا اھڙن ھنڌن کي تباھ ڪيو ويندو، جتان اسرائيل تي حملا ٿيندا رھيا آھن.
آمريڪا عرب ملڪن ۽ ٻين عالمي اتحادي ملڪن سان گڏجي ھڪ عارضي فوج تيار ڪندو، جنھن کي انٽرنيشنل اسٽيبلائزيشن فورس( آءِ ايس ايف) جو نالو ڏنو ويندو، جنھن جو ڪم فلسطين ۾ پوليسنگ نظام جو قيام ھوندو ۽ پوليس اھلڪارن جي تربيت ڪرڻ ھوندو.

آءِ ايس ايف مصر ۽ اسرائيل جي سرحدي دنگن ۾ امن بحال ڪرائيندي، اِھا فورس يقيني بڻائيندي تہ غزہ ۾ ڪنھن بہ قسم جا ھٿيار ۽ يا بارود نہ اچي، اھڙين سرگرمين کي روڪڻ ئي سندن مقصد ھوندو.
اسرائيل غزہ تي قبضي يا الحاق جِي ڳالھ نہ ڪندو، آءِ ايس ايف جي مقرري کانپوءِ اسرائيلي فوج پنھنجي ملڪ واپسي شروع ڪندي، آمريڪا جن ملڪن کي اتحادي يا ضامن طور اڳيان آڻيندو، اُنھن جي ذميواري ھوندي تہ اُھي آءِ ايس ايف ذريعي يقيني بڻائين تہ اسرائيل، مصر يا انهن جي شهرين لاءِ ڪو خطرو نه رهي.
عملي طور غزہ جو مڪمل ڪنٽرول آءِ ايس ايف حوالي ٿيڻ تائين اسرائيلي فوج آءِ ڊي ايف غزہ جو ڪنٽرول سنڀاليندي رھندي ۽ صورتحال جي بھتري کانپوءِ واپس وڃڻ شروع ڪندي، اسرائيل پنھنجي فوج تيستائين واپس نہ ڪندو جيستائين عالمي ادارن کي اِھا پڪ نہ ٿئي تہ غزہ پٽي ھاڻ ڪنھن بہ پاڙيسري لاءِ خطرو ناھي.
حماس ٽرمپ طرفان ٽرمپ جي تجويز رد ڪرڻ يا قبولڻ ۾ دير ڪرڻ جي صورت ۾ اسرائيلي فوج غزہ کي دھشتگردي کان پاڪ ڪرڻ لاءِ آءِ ايس ايف کان مدد وٺندي ۽ اڪثر علائقا اِن نئين فورس حوالي ڪندي.
ٽرمپ جي مسودي ۾ اِن ڳالھ تي زور ڏنو ويو آھي تہ نتيجا ڏيندڙ امن جي بحالي تائين اسرائيل ۽ فلسطيني شھرين جي ذھنن ۾ وسوسا برقرار رھندا، پر نتيجا سامھون اچڻ کانپوءِ ٻنھي رياستن جا شھري مطمئن ٿي ويندا ۽ نئين ترقي توڙي خوشحالي ڏانھن وک کڻندا.