ايشيا جو چيمپئن ڪير بڻجندو؟، ايشيا ڪپ 2025 ٽي ٽوئنٽي جي فائنل ۾ اڄ پاڪستان ۽ ڀارت جون ٽيمون آمھون سامھون ٿينديون.
پاڪستان جي وقت مطابق ٽاس شام 7 وڳي ۽ ميچ جي شروعات ساڍا ست وڳي ٿيندي، ٻنھي ٽيمن ۾ 41 سالن بعد ايشيا ڪپ جو فائنل کيڏيو ويندو.
قومي ڪرڪيٽ ٽيم ڀارت کان ٽورنامينٽ ۾ ٻنھي شڪست جو بدلو فائنل ۾ وٺي ايشيا ڪپ جو ٽائٽل کٽڻ لاءِ پرعزم آھي.
ڪرڪيٽ جي مداحن کي ميچ جو بي صبري سان انتظار آھي، سنڌ حڪومت پاران 6 وڏن شھرن ۾ پاڪ-ڀارت ميچ وڏي اسڪرين تي ڏيکارڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي.
ايشيا ڪپ 2025 جي فائنل کان اڳ ٻنھي ٽيمن وچ ۾ 2017 کانپوءِ ڪنھن بہ ايونٽ جي فائنل ۾ پھريون ڀيرو آمھون سامھون ٿيندا .
پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ 2007 کانپوءِ 15 ٽي ٽوئنٽي ميچز کيڏيا ويا، جن ۾ 12 ڀيرا ڀارت ۽ 3 ڀيرا پاڪستان فاتح رھيو .
ٽي ٽوئنٽي ايشيا ڪپ جي فائنل ۾ ڀارت جي ٽيم کي فيوريٽ کي قرار ڏنو پيو وڃي پر قومي ٽيم بہ شڪست جو داغ ڌوئڻ لاءِ پرعزم آھي.
پاڪستان ۽ ڀارت جون ٽيمون وڏن ايونٽس جي فائنل ۾ 5 ڀيرو آمھون سامھون ٿيون، پاڪستان 3 ڀيرا ۽ ڀارت 2 ڀيرا ڪاميابي ماڻي . ان کان اڳ پاڪستان ۽ ڀارت جون ٽيمون 2017 ۾ آءِ سي سي ورلڊ چيمپئنز ٽرافي جي فائنل ۾ آمھون سامھون ٿيون، ان ميچ ۾ پاڪستان ڀارت کي 180 رنز جي وڏي مارجن تان شڪست ڏني ھئي .