پاڪستاني ٽي ٽوئنٽي ٽيم جي ڪپتان سلمان علي آغا چيو آھي تہ ڄاڻون ٿا تہ فائنل ۾ ڇا ڪرڻو آھي، اسان تيار آھيون، پاڪستاني بالرز بنگلاديش خلاف بھترين ڪارڪردگي ڏيکاري.
گذريل رات پاڪستاني ٽيم سپر فور مرحلي جي اھم ميچ ۾ بنگلاديش کي 11 رنز تان شڪست ڏئي ايشيا ڪپ 2025 جي فائنل ۾ پھچي وئي، جتي 28 سيپٽمبر تي ڀارت سان مھاڏو اٽڪائيندي.
بنگلاديش خلاف ميچ کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪپتان سلمان علي آغا چيو تہ جيڪڏھن اھڙي ريت فتح حاصل ڪندا رھيا تہ ھو واقعي خاص ٽيم آھن، قومي ٽيم بالنگ ۽ فيلڊنگ ۾ بھترين ڪارڪردگي ڏيکاري.
ھن چيو تہ شاھين شاھ آفريدي شروعات ۾ ئي بنگلاديشي ٽيم تي دٻاءُ وڌو، ڄاڻون ٿا تہ فائنل ۾ ڇا ڪرڻو آھي، اسان تيار آھيون.
41 سالن ۾ پھريون ڀيرو فائنل ۾ پاڪستان ۽ ڀارت آمھون سامھون
گذريل رات پاڪستاني ٽيم بنگلاديش کي 11 رنز تان شڪست ڏئي ايشيا ڪپ 2025 جي فائنل ۾ پھتي آھي، فائنل ۾ پاڪ-ڀارت مھان دنگل ٿيندو، ايشيا ڪپ جي 41 ورھين جي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو فائنل ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جو مقابلو ٿي رھيو آھي.
1984 کان ھن وقت تائين ايشيا ڪپ جا 16 ايڊيشن کيڏيا ويا آھن، پر ھڪ ڀيرو بہ پاڪستان ۽ڀارت آمھون سامھون ناھن آيا.
ڪرڪيٽ جا شوقين 41 سالن کانپوءِ ايشيا ڪپ جي فائنل ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جو مقابلو ڏسندا.

صائم ايوب ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ جو اڻوڻندڙ رڪارڊ برابر ڪري ڇڏيو
پاڪستاني بيٽر صائم ايوب بنگلاديش خلاف ميچ ۾ ھڪ ڀيرو ٻيھر ٻُڙي تي آئوٽ ٿي ويو، ھو ايشيا ڪپ 2025 ۾ لڳاتار چوٿون ڀيرو بنا رنز ٺاھڻ جي آئوٽ ٿيو آھي.
مسلسل ٻُڙي تي آئوٽ ٿيڻ بعد صائم ايوب ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ جو سڀ کان وڌيڪ ٻُڙي تي آئوٽ ٿيڻ وارو رڪارڊ برابر ڪري ڇڏيو، ان کان اڳ زمبابوي جو رچرڊ نگاروا 2024 ۾ 6 ڀيرا ٻُڙي تي آئوٽ ٿيو ھو.