دبئي ( ڊبليو ٽي اين سپورٽس نيوز ) ايشيا ڪپ 2025 ۾ پاڪ ڀارت دنگل کانپوءِ ڀارتي ڪپتان سوريا ڪمار ياديو جي سياسي بيان تي پي سي بي جو موقف تسليم ڪيو ويو، آءِ سي سي سوريا ڪمار ياديو کي ڇنڊ پٽيندي کيس مستقبل ۾ سياسي بيان نہ ڏيڻ جي ھدايت ڪري ڇڏي.
آءِ سي سي اختيارين پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي شڪايت کانپوءِ سوريا ڪمار ياديو جي سموري ڳالھ ٻولھ ٻڌي ۽ ان نتيجي تي پھتي تہ ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جي ڀڃڪڙي ٿي آھي.
ميچ جي ريفري ۽ آءِ سي سي اختيارين سوريا ڪمار ياديو کي طلب ڪيو ھو، دبئي جي مقامي ھوٽل ۾ آءِ سي سي مامري جي ٻڌڻيءَ دوران پاڪستان جو نقطو سامھون رکيو ويو ۽ ان تي بيان جي وضاحت گھُري وئي.
آءِ سي سي ڀارتي ڪپتان سوريا ڪمار ياديو جي سياسي بيان ڏيڻ تي ڇنڊ پٽيندي خبردار ڪئي تہ مستقبل ۾ اھڙي بيانن سان پاسو ڪيو وڃي.
پي سي بي جو موقف
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ موقف اختيار ڪيو ھو تہ آءِ سي سي باضابطہ ڪو بہ ايڪشن ناھي کنيو، ڇو تہ ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جي ڀڃڪڙي ٿي آھي، جھڙي ريت معين علي يا عثمان خواجہ کي فلسطين جي مامري تي ڳالھائڻ جي اجازت نہ ڏني وئي ھئي، انھن خلاف ايڪشن بہ کنيو ويو ھو، اھڙي ريت ڀارتي ڪپتان خلاف بہ ايڪشن کنيو وڃي.
ان حوالي سان سان ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جي اڳوڻي سربراھ ۽ آءِ سي سي جي موجودہ چيئرمين جئي شاھ جي موجودگي ۾ مبينا طور تي پنھنجو اثر رسوخ بہ استعمال ڪيو ويو ھو.
سوريا ڪمار ياديو ڇا چيو ھو؟
واضح رھي تہ گڏيل عرب امارتن ۾ ايشيا ڪپ دوران 14 سيپٽمبر تي پاڪ ڀارت ميچ دوران ڀارتي ڪپتان سوريا ڪمار ياديو پاڪستاني ڪپتان ۽ رانديگرن سان نہ رڳو ھٿ ملايو ھو پر اسپورٽس مين اسپرٽ جي ڀڃڪڙي ڪئي ھئي، پر ڪاميابي کانپوءِ انھن سياسي بيان بہ ڏنا ھئا.
پوسٽ ميچ پريس ڪانفرنس دوران سوريا ڪمار ياديو پاڪستان خلاف پنھنجي ڪاميابي کي پھلام واقعي جي متاثرن جي نالي ڪندي ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جي ڀڃڪڙي ڪئي ھئي.