ٽن ججز جي اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ بدلي آئيني ۽ قانوني قرار، سينارٽي جو فيصلو صدر ڪندو: سپريم ڪورٽ

فہرستِ مضامین

اسلام آباد (  رپورٽ: فيصل جمن ڪنڀر ) سپريم ڪورٽ، ججز بدلي ۽ سينارٽي ڪيس جو تفصيلي فيصلو جاري ڪندي چيو آھي تہ ھاءِ ڪورٽ جي ججز جي بدلي آئين ۽ قانون موجب ٿي آھي، ججز جي بدلي وارو فيصلو عدليہ جي اختيارن واري دائري ۾ آھي، سينارٽي جي تعين لاءِ معاملو صدر کي موڪليو وڃي ٿو.

سپريم ڪورٽ، اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ ۾ ججز جي سينارٽي ۽ بدلي کي غير آئيني قرار ڏيڻ لاءِ داخل درخواستون اڪلائيندي چيو تہ ججز بدلي ۽ سينارٽي ڪيس جو 55 صفحن تي ٻڌل فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، فيصلو جسٽس محمد علي مظھر لکيو آھي.

فيصلي ۾ چيو ويو آھي تہ صدر کي آرٽيڪل 200 تحت ججز جي منتقلي جو اختيار حاصل آھي پر جج جي منتقلي ان جي رضابندي ۽ مشاورت کانسواءِ ممڪن نہ آھي.

سپريم ڪورٽ جو وڌيڪ چوڻ آھي تہ ججز جي بدلي جو فيصلو عدليہ جي اختيارن واري دائري ۾ آھي، بدلي جي عمل ۾ عدليہ جي راءِ کي اوليت حاصل آھي، ججز جي ٽرانسفر سان عدليہ جي آزادي متاثر ناھي ٿيندي.

ججز جي ٽرانسفر سان عدليہ جي آزادي متاثر ناھي ٿيندي: سپريم ڪورٽ

فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو تہ ججز جي بدلي ۾ بدنيتي يا انتقامي ڪارروائي ثابت ناھي ٿي، ججز جي بدلي آئين ۽ قانون مطابق ٿي آھي، فيصلي موجب اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ جي ايڪٽ 2010 جو سيڪشن 3 بدلي تي راتاھو نٿو لڳائي، بدلي ۾ صوبائي نمائندگي جي اصولن جي ڀڃڪڙي ناھي ڪئي وئي.

ججز جي سينارٽي جو فيصلو صدر ڪندو

سپريم ڪورٽ جي فيصلي موجب  ججز جي سينارٽي جو تعين صدر پاڪستان ڪندو، بدلي مستقل آھي يا عارضي، ان جو فيصلو صدر سروس رڪارڊ ڏسي ڪندو، ان ڪري معامرو سينارٽي جي تعين لاءِ صدر کي واپس موڪليو وڃي ٿو، ھاءِ ڪورٽ جي ججز جي بدلي واري درخواست اڪلائي وڃي ٿي.

واضح رھي تہ سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ 19 جون تي ٽن ججز جي اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ ۾ بدلي آئين ي۽ قانون قرار ڏيندي اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ جي 5 ججز پاران داخل ڪرايل درخواستون رد ڪيون ھيون.

عدالت 2 جي مقابلي ۾ ٽي جي اڪثريت سان فيصلو جاري ڪندي چيو ھو تہ ججز جي بدلي غير آئيني ناھي، 5 رڪني بينچ جي ججز ۾ جسٽس محمد علي مظھر، جسٽس شاھد بلال ۽جسٽس صلاح الدين پنھور اڪثريتي فيصلي ۾ صدر پاڪستان کي آرٽيڪل 200 تحت ھاءِ ڪورٽ جي جج کي ھڪ عدالت مان ٻي عدالت منتقلي جو اختيار ڏنو ھو.

سپريم ڪورٽ جو اڪثريت تي ٻڌل فيصلو

عدالتي فيصلي بعد صدر 29 جون 2025 تي اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ جي جسٽس سرفراز ڊوگر کي سينيئر جج ڊڪليئر ڪيو ھو، جسٽس سرفراز ڊوگر ۽ ٻين ججز جي بدلي بہ مستقل قرار ڏني وئي ھئي.

لاھور ھاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن ۽لاھور بار ڪائونسل جي اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ ججز بدلي ۽ سينارٽي ڪيس سپريم ڪورٽ آئيني بينچ جي فيصلي خلاف انٽرا ڪورٽ اپيل داخل ڪرائي ھئي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں