ممبئي ( شوبز نيوز ڊبليو ٽي اين ) بالي ووڊ کي 3 ڏھاڪا ڏيندڙ سپر اسٽار شاھ رخ خان کي ڀارت جي پھرين نيشنل ايوارڊ سان نوازيو ويو.
ڀارت ۾ نيشنل فلم ايوارڊ جو سلسلو 1954 کان جاري آھي، ھرسال منعقد ٿيندڙ ھن فيسٽيول ۾ اداڪارن، فلمن ۽ فلمي صنعت سان سلھاڙيل مختلف شعبن جي ماڻھن کي اعزاز ڏنا ويندا آھن.
امسال جي ايوارڊ ۾ شاھ رخ خان کي بھترين اداڪار جي اعزاز سان نوازيو ويو، ٽوليٿ فيل ذريعي مشھوري ماڻيندڙ نئين اداڪار وڪرانت ميسي کي بہ ھن ڪيٽيگري ۾ ايوارڊ ڏنو ويو.
ان کان علاوہ اداڪارہ راني مکرجي کي بہ بھترين اداڪارہ جو نيشنل ايوارڊ مليو، بھترين فيچر فلم جو ايوارڊ “ٽوليٿ فيل” کي ڏنو ويو، فيسٽيول ۾ تامل، تيلگو ۽ گجراتي سميت مقامي زبانن جي فلمن کي بہ مختلف ايوارڊ سان ڏنو ويو.
71 ھين نيشنل فلم ايوراڊ 2025جي فيسٽيول ۾ مجموعي طور تي 19 مختلف ڪيٽيگريس ۾ 21 ايوارڊ ورھايا ويا، تقريب ۾ بھترين ھندي فلم، بھترين ھدايتڪار، دادا صاحب ڦالڪي ايوارڊ، بھترين فلم ليکڪ، بھترين گيت، بھترين ايڪشن ڊائريڪشن، بھترين پلي بيڪ سنگر ( عورت توڙي مرد)، بھترين ڪوريو گرافي، ميڪ اپ، ڪاسٽيوم ڊيزائن، سينماٽوگرافي ۽ سائونڊ ڊيزائن سميت ٻيون ڪيٽيگريز شامل ھيون.
شاھ رخ خان پنھنجي ڪيريئر جي شروعات 1988 ۾ ڀارتي سرڪاري ٽي وي “دو درشن” جي ڊرامن سان ڪئي ھئي، سندس پھرين فلم 1992 ۾ رليز ٿيل ديوانہ ھئي، پھرين فلم ۾ ھو ناظرين جون دليون کٽڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ھو، ان ئي سال ھن 7 فلمون ڪري بالي ووڊ ۾ جڳھ ٺاھي ورتي ھئي.
گذريل 33 سالن ۾ شاھ رخ خان ڪيتريون ئي يادگار ۽ ڪامياب فلمون ڏنيون آھن ۽ ڪيترائي نجي فلمي ايوارڊ پنھنجي نالي ڪيا پر سندس ڪيريئر ۾ کيس پھريون نيشنل ايوارڊ مليو آھي، جنھن کي مداح تاريخي لمحو قرار ڏئي ڇڏيا آھن.