اوٻاوڙو(رپورٽ: اصغر مھر) اوٻاوڙو پوليس موجب ڪمند جي فصل مان نوجوان جو لاش مليو آھي، جنھن جي وارثن سڃاڻپ سليم شيخ طور ڪئي آھي.
پوليس موجب نوجوان جا وارث ٻڌائي رھيا آھن تہ ملڪ ڪالوني واسي سليم احمد شيخ 4 ڏينھن اڳ گھران نڪتو ھو
پوليس نوجوان جو لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، نوجوان جي ڀاءُ نديم احمد موجب ته اسان جي ڪنهن سان دشمني ناهي، چار ڏينهن لغڙ وٺڻ لاءِ 12 هزار کڻي گهران نڪتو هو، اڄ سندس لاش مليو آھي.