ڪراچي ۾ صحافي امتياز مير حملي ۾ زخمي: معاملو ذاتي دشمني جو لڳي ٿو: پوليس

فہرستِ مضامین

سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ زخمي ٿيل صحافي ۽ اينڪر پرسن امتياز مير جي حالت هاڻي خطري کان ٻاهر آهي۔

گذريل رات امتياز مير پنهنجي گهر ڏانهن پئي ويو ته ڪراچي جي علائقي ملير ڪالا بورڊ ويجهو موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن مٿس فائرنگ ڪئي۔ فائرنگ وقت امتياز مير جو ڀاءُ محمد صالح گاڏي هلائي رهيو هو۔

پوليس جو چوڻ آهي ته امتياز مير کي ٽي ۽ محمد صالح کي هڪ گولي لڳي۔ واقعي کان پوءِ زخمين کي نجي اسپتال منتقل ڪيو ويو۔

شروعاتي طور تي امتياز مير کي وينٽي ليٽر تي رکيو ويو هو پر ڪراچي پوليس جي ڊي آءِ جي فرخ لنجار موجب هاڻي امتياز مير جي حالت خطري کان ٻاهر آهي ۽ هن اسپتال ۾ وڃي زخمي صحافي سان ملاقات به ڪئي آهي۔

ڊي آءِ جي فرخ لنجار جو چوڻ آهي ته واقعي واري هنڌ تان سي سي ٽي وي فوٽيج حاصل ڪيا آھن ، جن جي مدد سان پوليس جوابدارن تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، ظاهري طور معاملو ذاتي دشمني جو لڳي رھيو آھي.

ٻئي پاسي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت صحافين جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي ۽ جوابدارن کي جلد قانون جي ڪٽهري ۾ آندو ويندو۔

امتياز مير گذريل ڏهاڪي کان صحافت سان لاڳاپيل آهي۔ هو سنڌي چينل “آواز” ۽ اردو چينل “ميٽرو” تي پروگرام پڻ ڪندو رهيو آهي۔ امتياز مير انهن صحافين مان به آهي، جن اسرائيل جو دورو ڪيو هو پر ڊي آءِ جي فرخ رضا جو چوڻ آهي ته هن حملي جو ان سان ڪو تعلق ناهي۔

امتياز مير سان گڏ زخمي ٿيل سندس ڀاءُ محمد صالح جو به چوڻ آهي ته هنن تي حملو ذاتي دشمني سبب ڪيو ويو۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں