پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ سپر فور مرحلي جو ھاءِ وولٽيج ميچ اڄ ٿيندو، تڪراري اينڊي پائي ڪرافٽ ميچ جو ريفري هوندو.
پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ايشيا ڪپ جي سپر فور مرحلي جو ٻيو ميچ اڄ شام جو ساڍي ستين وڳي دبئي ۾ کيڏيو ويندو، گذريل ڏينھن گرين شرٽس آءِ سي سي ڪرڪيٽ اڪيڊمي ۾ ٽي ڪلاڪ سخت پريڪٽس ڪئي۔
پي سي بي چيئرمين محسن نقوي رانديگرن سان ملاقات ڪئي ۽ انهن جي حوصلا افزائي ڪندي اميد ظاهر ڪئي تہ ٽيم سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندي، ياد رھي تہ گروپ ميچ ۾ ڀارت پاڪستان کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏني هئي.
هٿ ملائڻ جي تڪرار ۽ ميچ کان پوءِ ڀارتي ڪپتان سوريہ ڪمار ياديو جي سياسي بيان سبب ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڇڪتاڻ وارو ماحول پيدا ٿي ويو ھو . اڄ جي ميچ ۾ اهم ڀارتي رانديگرن جي شرڪت بہ شڪي ٿي وئي آهي، ڀارتي آل رائونڊر اڪشر پٽيل عمان خلاف گروپ ميچ ۾ فيلڊنگ دوران زخمي ٿي پيو هو.