قبيلائي تڪرارن تان ٻن استادن ۽ ھڪ پوليس اھلڪار سميت  5 ڄڻا قتل

فہرستِ مضامین

سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ قبيلائي تڪرارن تان ٻن استادن ۽ ھڪ پوليس اھلڪار سميت 5 ڄڻا قتل ٿي ويا آھن.

رستم ويجھو مھر-جتوئي تڪرار تان ھاءِ اسڪول تي ھٿياربندن حملو ڪيو،  جنھن دوران  3 ڄڻا مارجي ويا

مارجي ويلن ۾ استاد جميل ۽ عبدالرزاق مھر شامل آھن،  جڏھن تہ جوابي فائرنگ ۾ صحبت جتوئي بہ مارجي ويو.

 ٽن ڄڻن جي قتل بعد ڌريون مورچابند ٿي ويون، علائقي ۾ ڏھڪاءُ پکڙجي ويو آھي.

 ڪنڌڪوٽ ويجھو ڊومڪي ۽ ڀنگوار برادري جي ٻن ڌرين ۾ ھلندڙ تڪرار تان ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ پوليس اھلڪار سميت 2 ڄڻا مارجي ويا.

 مارجي ويلن ۾ مارجي ويلن ۾ پوليس اهلڪار اربيلو ڀنگوار ۽ گل حسن ڀنگوار شامل،  بخش علي ڀنگوار زخمي ٿي پيو.

اطلاع تي پوليس پھچي مارجي ويل جو لاش ۽ زخمي کي اسپتال منتقل ڪيو آھي

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں