ارشد نديم ورلڊ ايٿليٽڪس چيمپئنشپ ۾ جيولن ٿرو جي ايونٽ مان ٻاھر

فہرستِ مضامین

ٽوڪيو ( ڊبليو ٽي اين مانيٽرنگ ) پاڪستان جو اولمپڪ گولڊ ميڊلسٽ ارشد نديم ورلڊ ايٿليٽڪس چيمپئنشپ ۾ جيولن ٿرو جي ايونٽ مان ٻاھر ٿي ويو.

ورلڊ ايٿليٽڪس چيمپئن شپ جي فائنل مرحلي ۾ ارشد نديم پھريون ٿرو 82.73 جو ڪيو، پھرين ئي وارَي ۾ ارشد نديم جو ستون نمبر ھو، ٻي وارَي ۾ سندس ٿرو فائول ٿي ويو.

ٽئين ڀيري ارشد نديم 82.75 ميٽر جو ٿرو ڪيو پر ھو ميڊل جي ڊوڙ کان ٻاھر ٿي ويو، شروعاتي ٽن وارن ۾ ارشد نديم جو ٽاپ 8 ۾ رھڻ ضروري ھو، ڇو تہ فائنل ۾ 3 وارا ٽاپ 8 جي لسٽ ۾ شامل ايٿليٽڪس کي ملندا.

ٻي پاسي ڀارت جي نيرج چوپڙا پھريون ٿرو 83.65 جو اڇلايو، جڏھن تھ ھڪ ٻئي ڀارتي سچن ياديو پھرين وارَي ۾ 86.29 ميٽر جو ٿرو ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو.

اڄ فائنل مقابلن ۾ اسٽارٽ لسٽ موجب ارشد نديم ٽئين نمبر تي پنھنجي ٿرو ڪيو، پھريون ٿرو جيولن ويبر ۽ ٻيو ٿرو اينڊرسن پيٽرز اڇلايو.

واضح رھي تہ گروپ بي جي ڪواليفائنگ رائونڊ ۾ ارشد نديم 85.28 ميٽر جي ٿرو سان سڌي ريت فائنل ۾ جڳھ ٺاھي ورتي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں