سنڌ جي صوبائي وزير سردار شاھ گذريل چئن ڏينھن کان ڪراچي ۾ احتجاج ڪندڙ ميوزڪ ٽيچرز کي سپريم ڪورٽ سان رابطي جو مشورو ڏنو آھي، ميوزڪ ٽيچرز جون اڄ اسيمبلي ٻاھران پوليس سان چڪريون ٿيون، پوليس گرفتاريون بہ ڪيون آھن.
رپورٽ: شبير لاشاري/ڪراچي
ڪراچي ۾ گذريل چئن ڏينھن کان احتجاج ڪندڙ سنڌ جَي مختلف ضلعن سان تعلق رکندڙ ميوزڪ ٽيچرز اڄ پوليس جون رڪاوٽون ٽوڙي سنڌ اسيمبلي آڏو پھتا جتي پوليس ۽ مظاھرين وچ ۾ چڪريون بہ ٿيون آھن.
ميوزڪ ٽيچرز ڊبليو ٽي اين سان ڳالھائيندي الزام ھنيو تہ پوليس سندن احتجاج جي قيادت ڪندڙن کي گرفتار ڪري وئي آھي، ھو بہ گرفتاري ڏيڻ لاءِ تيار آھن.
ميوزڪ ٽيچرز بار بار سنڌ حڪومت ۽ سردار شاھ کي گذارش ڪري رھيا ھئا تہ کين ٻڌايو وڃي تہ جوائننگ ملندي يا نہ، جيڪڏھن جوائننگ نہ ملندي تہ واضح ڪيو وڃي، ھو ڪراچي ۾ پوليس ھٿان ذليل ٿيڻ ناھن آيا.
فنڪار سپريم ڪورٽ وڃن: سردار شاھ
فنڪارن جي احتجاج بابت تعليم واري وزير سردار شاھ جو بيان سامھون اچي ويو آھي.

جاري ڪيل بيان ۾سردار شاھ چيو تہ عدالت ميوزڪ تيچرز جي ڀرتي جو عمل ختم ڪيو، سنڌ حڪومت عدالتي فيصلي آڏو مجبور آھي، ان فيلصي خلاف فنڪارن کي سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪراڻ گھرجي ھا.
صوبائي وزير سردار شاھ جو چوڻ آھي تہ فنڪارن جي ڀرتي ميرٽ تي ڪئي وئي ھئي، ٿرڊ پارٽي ٽيسٽنگ ذريعي اھل قرار ڏنل فنڪارن کي آفر آرڊر بہ ڏنا ويا.
سندس چوڻ ھو تہ احتجاج ڪندڙ چاھين تہ خالي جاين تي ٻيھر اشھتار ڏئي سگھجي ٿو پر ان ۾ فنڪارن لاءِ عمر جو مسئلو ٿيندو، نئين ڀرتين ۾ عمر جي حد 28 سال رعايت بعد 33 سال ٿيندي.
ھن چيو تہ ميوزڪ ڪلاسز جي شروعات لاءِ انٽرن آپشنز تي بہ غور ڪيو پيو وڃي، مخالفت باوجود ڀرتين جو عمل شفاف انداز ۾ مڪمل ڪيو ويو.
سردار شاھ چيو تہ عدالتي فيصلي بعد ميوزڪ ٽيچرز سان ھمدردي آھي، استادن کي احتجاج جو حق آھي پر ان جو درست رستو عدالت ۾ اپيل داخل آھي.