پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ اڳوڻي ڪوچ محمد يوسف ھڪ نجي ٽي وي چينل تي ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سوريا ڪمار ياديو جو نالو غلط وٺڻ بابت وضاحت ڪئي آھي.
محمد يوسف پنهنجي ھڪ بيان ۾ چيو ته “منهنجو مقصد ڪنهن به رانديگر جي بي عزتي ڪرڻ نه ھو جيڪو پنهنجي ملڪ لاءِ جذبي سان کيڏندو آھي۔”
واضح رهي ته نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ محمد يوسف سوريا ڪمار ياديو جو نالو غلط کنيو ھو، جنهن کان پوءِ کيس سوشل ميڊيا تي ٽرول ڪيو پئي ويو۔
محمد يوسف ايشيا ڪپ جي حوالي سان نجي ٽي وي تي ٽيم جي ڪارڪردگي تي تبصرو ڪري رھيو ھو۔
ھن پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته “ڀارتي ميڊيا ۽ ماڻھو ان وقت عرفان پٺان جي واکاڻ ڇو ڪري رھيا ھئا، جڏهن ھن پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي تي تنقيد ڪئي ھئي؟