ڪراچي جي ڪچين آبادين ۾ رھندڙ 55 لک ماڻھن جي قسمت جو فيصلو

فہرستِ مضامین

ڪراچي: سنڌ اسيمبلي جي هيومن سيٽلمينٽ بابت اسٽينڊنگ  ڪميٽي جي اجلاس ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته سنڌ ۾ ڪل 1447 ڪچي آباديون موجود آهن، جن مان رڳو ڪراچي ۾ 582 ڪچي آباديون آهن. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته انهن مان 263 ڪچي آباديون اڃا تائين نوٽيفاءِ به نه ٿيون آهن.

ايم ڪيو ايم جي ايم پي اي انجنيئر سيد عثمان اجلاس کان پوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو تہ  اڄ تائين هڪ به ڪچي آبادي بهتر نه ٿي سگهي آهي، جڏهن ته برساتن کان پوءِ سڄو ڪراچي ڪچي آباديءَ جو منظر پيش ڪري ٿو. هن چيو ته 55 لک کان وڌيڪ ماڻهو ڪچي آبادين ۾ رهڻ تي مجبور آهن. سعدي ٽائون ۾ رهندڙ 27 هزار ماڻهن کي ريسڪيو ڪرڻ بدران قبضو قرار ڏنو ويو آهي.

اجلاس دوران انڪشاف ٿيو ته ضلع ويسٽ ۾ روينيو ۽ ڪچي آبادي کاتي ۾ اختلاف موجود آهن.  ڪميٽي فيصلو ڪيو ته جيڪي ڪچي آباديون ريگيولر نه آهن، انهن کي ريگيولر ڪيو ويندو ۽ هڪ مهيني اندر جاچ مڪمل ڪرڻ جي هدايت به ڏني وئي.

انجنيئر عثمان مطالبو ڪيو ته سڄي ڪراچي کي ڪچي آبادي ڊڪليئر ڪيو وڃي. هن سوال اٿاريو ته حڪومت نالن تي ٺهندڙ سوسائٽين کي ڇو نه ٿي روڪي؟ ساڳئي وقت نجم مرزا موسمياتي تبديلي بابت بل به جمع ڪرايو.

انجنيئر عثمان پيپلز پارٽي تي تنقيد ڪندي چيو ته سندن وٽ مڪمل اختيار آهن، پر ان جي باوجود ڪراچي جي حالت بدتر آهي. هن چيو ته ميئر کي پنهنجي ڪارڪردگي عوام آڏو رکڻ گهرجي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں