جاپان جي مدد سان ڪي ڪي ۽ شينڪ بند کي مضبوط ڪيو ويندو: مراد علي شاھہ

فہرستِ مضامین

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو آھي تہ سنڌ ۾ ڪجھ بند ڪمزور آھن، انھن جي مضبوطي لاءِ جاپان منصوبو ڏئي رھيو آھي، اميد تہ جاپان جي مدد سان ڪي ڪي ۽ شينڪ بند کي مضبوط ڪيو ويندو.

وڏي وزير مراد علي شاھ سان موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير مصدق ملڪ جي ڪراچي ۾ ملاقات ٿي، جنھن دوران  300 ڏينھن تي ٻڌل ماحولياتي پلان جوڙڻ تي اتفاق ڪيو ويو، پلان تحت چئني صوبن جون حڪومتون تجويزون پيش ڪنديون.

ملاقات دوران ڳالھائيندي وڏي وزير مراد علي شاھ چيو تہ ھن ڀيري درياھي ٻوڏ سبب مسئلا پيدا ٿيا، سکر بئراج وٽ پاڻي رواني جي گنجائش 9 لک 60 ھزار ڪيوسڪس تائين ٿي ويندي، اسان کي سکر بئراج جي گنجائش وڌائڻي آھي، وفاقي حڪومت مدد ڪري.

وڏي وزير چيو تہ سنڌو درياھ جا ڪجھ بند ڪمزور آھن، انھن جي مضبوطي لاءِ جاپان منصوبو ڏئي رھيو آھي، اميد تہ جاپان جي مدد سان ڪي ڪي ۽ شينڪ بندن کي مضبوط ڪيو ويندو.

سندس چوڻ ھو تہ چوماسي جي برساتن کان اڳ پاڻي جي قدرتي لنگھن کي بحال ڪرڻو پوندو، شھيدبينظيرآباد، سانگھڙ، ٿرپارڪر ۽ عمرڪوٽ ۾ برساتن جي پاڻي کي قدرتي رستو ڏيڻو آھي.

ان موقعي تي ڳالھائيندي وفاقي وزير مصدق ملڪ چيو تہ پاڪستان موسمياتي تبديلين سبب تمام گھڻو متاثر ٿيو آھي.

ھن چيو تہ اسان کي عالمي برادري جي مدد جي ضرورت آھي، موسم جي صورتحال جاچڻ واري نظام کي جديد بڻايو ويندو

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں