پاڪستان طرفان ميچ ريفري کي نہ ھٽائڻ جي صورت ۾ ايشيا ڪپ جون رھيل ميچز نہ کيڏڻ جو فيصلو

فہرستِ مضامین

پاڪستان ايشيا ڪپ جي ميچ ريفري اينڊي پاٰءِ ڪرافٽ کي نہ ھٽائڻ جي صورت ۾ ٽورنامينٽ جون رھيل ميچز نہ کيڏڻ جو فيصلو ڪري ورتو آھي.

 ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل ۽ پي سي بي چيئرمين محسن نقوي چيو آھي تہ پي سي بي پاران اينڊي پاءِ ڪرافٽ خلاف آءِ سي سي کي شڪايت ڪئي وئي آھي.

 ايڪس تي پوسٽ ڪيل بيان ۾ محسن نقوي چيو تہ پاڪ ڀارت دنگل دوران ميچ ريفري آءِ سي سي جي ضابطن ۽ ايم سي سي جي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪئي آھي،  اينڊي پاءِ ڪرافٽ کي فوري طور ھٽايو وڃي.

 گذريل ڏينھن ايشيا ڪپ ۾ پاڪستان کي شڪست ڏيڻ بعد ڀارتي ٽيم اسپورٽس مين اسپرٽ جي ڀڃڪڙي ڪندي پاڪستاني رانديگرن سان ھٿ نہ ملايو ھو، ان کان اڳ ٽاس وقت ميچ ريفري ڪپتانن کي ھٿ نہ ملائڻ جي درخواست ڪئي ھئي..

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں