اداڪارا خوشبو خان پاران ارباز خان سان عليحدگي جي تصديق

فہرستِ مضامین

پاڪستاني فلم انڊسٽري ۾ ماضي جي مشھور اداڪارھ خوشبو خان ارباز خان سان عليحدگي جي تصديق ڪري ڇڏي آھي.

ويجھڙائي ۾ صحافين سان ڳالھہ ٻولھہ ڪندي خوشبو خان ارباب خان تي دوکو ڏيڻ جو الزام ھڻدي عليحدگي جي تصديق ڪئي.

ھن چيو تہ ھن ارباز خان کي زندگي ۾ سڀ ڪجھہ سمجھو پر جڏھن بہ ڏکيو وقت آيو ھو ساڻس گڏ نہ بيٺو، جنھن جو تمام گھڻو افسوس آھي.

سندس چوڻ ھو تہ سندس ارباگ

خوشبو خان ٻڌايو ته منهنجو ۽ ارباز جو ڪوبه جھيڙو نه ٿيو، هو بس بنا ٻڌائڻ جي ھليو ويو ۽ وري واپس نه آيو،  هاڻي کيس پنج سال گذري ويا آهن، پر اڄ به هو منهنجي يادگيرين ۾ گڏ آهي.

هن چيو ته مون کي هن ڳالهه جو ڏاڍو ڏک آهي ته ڪيترن ئي سالن کان کيس ڏسڻ جو موقعو به نه مليو،  سمجهه ۾ نٿو اچي ته ھو اسان کي ڇڏي ڇو هليو ويو.

هن وڌيڪ چيو ته مون تي تمام گهڻيون ذميواريون آهن، جيڪي مان نڀائي رهي آهيان، پر گذريل ڇهن مهينن کان مان گهر ۾ ئي هيس، پر ڪنهن به منهنجي خبر نه پڇي، ڪنهن به مون کان حال احوال نه ورتو.

ادڪارا  بڻجڻ نہ پئي چاهيان، زبردستي بڻايو ويو: خوشبو خان جو انڪشاف

سندس چوڻ ھو تھ ھو اداڪارا نھ پئي بڻجڻ چاھي پر کيس زبردستي اداڪارھ بڻايو ويو، گذريل پنجن سالن کان منهنجا ٻئي پٽ مون سان گڏ آهن، جڏهن ته ارباز ڌار ٿي چڪو آهي.

ياد رهي ته خوشبو خان ۽ ارباز خان 2000ع ۾ شادي ڪئي هئي ۽ انهن جا ٻه پٽ آهن.

ان کان اڳ خوشبو خان جي سُسر ۽ پشتو فلم انڊسٽري جي مشهور اداڪار آصف خان به شڪايت ڪئي هئي ته “پنج سال ٿي ويا، پٽ ۽ نياڻيءَ سان ملاقات نه ٿي آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں