ٽڪ ٽاڪر سامعہ حجاب ۽ حسن زاھد وچ ۾ ھلندڙ تڪرار جو ڊراپ سين سامھون آيو آھي، ٻنھي ھڪٻئي کي معاف ڪري ڇڏيوآھي.
اسلام آباد کان ڊبليو ٽي اين جي رپورٽر فيصل جمن جي رپورٽ موجب ٽڪ ٽاڪر سامعہ حجاب پنهنجي اڳوڻي منڱيندي کي غير مشروط طور تي معاف ڪري ڇڏيو آهي، حسن زاهد پڻ سامعہ حجاب جا سڀئي خدشا ختم ڪري ڇڏيا آهن، سندس خلاف سڀ الزام واپس وٺي ڇڏيا آهن ۽ پنهنجي غلطي جو اعتراف ڪندي معافي گهري آهي.
راضي نامي بعد ٽڪ ٽاڪر سامعہ حجاب جو حسن زاھد خلاف ھلندڙ اغوا ڪيس ختم ٿي ويو آھي.
حسن زاھد ۽ سامعہ حجاب ۾ تڪرار ڪٿان شروع ٿيوھو؟
سامعہ حجاب ۽ حسن زاھد وچ ۾ هي معاملو تڏهن شروع ٿيو جڏهن سامعہ حجاب حسن زاهد تي الزام لڳايو ته هن کيس 31 آگسٽ تي شام ساڍا 6 وڳي سندس گهر ٻاهران گاڏي ۾ زبردستي وجھي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون.
سامعہ حجاب ان حوالي سان پنھنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي وڊيو پڻ شيئر ڪئي ۽ سي سي ٽي وي فٽيجز اسلام آباد پوليس کي ڏئي حسن زاھد تي اغوا جو ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو، متاثر عورت ايف آءِ آر ۾ موقف اختيار ڪيو تھ حسن زاھد سندس پيڇو ڪندو رھيو ۽ تحفا ڏئي بار بار دٻاءُ وجھندو رھيو .
ڪيس ۾ ھڪ نئون موڙ تڏھن آيو جڏھن حسن زاھد سامعہ حجاب سان مڱڻي، گھمڻ ڦرڻ ۽ تحفا ڏيڻ واريون تصويرون عدالت ۾ پيش ڪيون ۽ سوشل ميڊيا تي شيئر ڪري ڇڏيون، اھم انڪشاف بعد ڪيس جو رخ ئي بدلجي ويو، انسٽاگرام تي وائرل ھڪ وڊيو ۾ سامعہ حجاب گلاب جو گل موڪلڻ تي حسن زاھد جو شڪريو پڻ ادا ڪيو.
گلاب جو گل موڪلڻ تي ٿورا مڃيا

تصويرون ۽ وڊيوز وائرل ٿيڻ بعد سامعہ حجاب انسٽا گرام تي حسن زاھد سان مڱڻي جو اعتراف ڪندي ان کي ھڪ وڏي غلطي قرار ڏنو.
سامعہ زاھد چيو تہ مڱڻي بعد خبر پئي تہ حسن زاھد سٺو انسان نہ آھي جنھن تي ھن رشتو ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، هن اهو به چيو ته حسن زاهد سندس دوست جي سامهون کيس تشدد جو نشانو بڻايو ۽ زبردستي شادي لاءِ زور ڀريندو رھيو.
سوشل ميڊيا تي مڱڻي جون تصويرون اچڻ بعد سوشل ميڊيا تي سامعہ حجاب تي تنقيد شروع ٿي وئي، جنھن تي ھن چيو تہ ھو ذھني دٻاءُ مان گذري رھي آھي، بنا تصديق جي مٿس ڪوڙا الزام نہ لڳايا وڃن.
سامعہ حجاب پاران اسلام آبا د جي شاليمار ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرڻ بعد پوليس حسن زاھد کي گرفتار ڪري ورتو، حسن زاھد کي جڊيشل مئجسٽريٽ ياسين محمد چوڌري جي عدالت ۾ پيش ڪيو جنھن سندس 14 ڏينھن جي اڊيالا جيل موڪلڻ جو حڪم ڏنو.
حسن زاھد جي جيل ۾ ھئڻ دوران سندس وارث سامعہ حجاب جي وارثن سان رابطي ۾ رھي معاملي کي ٿڌو ڪرڻ ۽ ٺاھہ جي ڪوشش ڪندا رھيا.
هن اهو به چيو ته حسن زاهد سندس دوست جي سامهون کيس تشدد جو نشانو بڻايو ۽ زبردستي شادي لاءِ زور ڀريندو رھيو ۽ گاڏي ۾ وجھي اغوا جي ڪوشش پڻ ڪئي.
عدالت ٽڪ ٽاڪ ڪندڙ ساميه حجاب جي اغوا ۽ ڌمڪين واري ڪيس ۾ نامزد جوابدار کي عدالتي رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو هو، جڏهن ته شاليمار پوليس اسٽيشن تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
سامعہ حجاب جو ثناءُ يوسف قتل جو ذڪر
سامعہ حجاب چيو جيڪڏھن ھو ڪنھن جي نڪاح ۾ بہ ھجي تہ ڪنھن کي حق نہ تہ ھو ائين کيس اغوا ڪري وڃي، منھنجو ثنا يوسف جيان قتل ٿي وڃي ھا تہ سڀني جون ھمدرديون مونسان گڏ ھجن ھا، پر ھاڻ زندہ آھيان تہ ماڻھن کي ھر ڳالھہ جي وضاحت ڏيڻي پئجي رھي آھي، حسن زاھد جي اصليت جي خبر پوڻ بعد ساڻس شادي کان انڪار ڪيو، شادي کانپوءِ تشدد جو نشانو بڻجڻ کان بھتر آھي اھڙي ظلم ۾ پوڻ کان اڳ ئي مڱڻو ٽوڙي ڇڏيان.