واشنگٽن ۾ ٽرمپ جو ويجھو ساٿي چارلي ڪرڪ آن لائين مباحثي دوران گولي ھڻي قتل

فہرستِ مضامین

واشنگٽن ( ڊبليو ٽي اين مانيٽرنگ )  آمريڪي صدر جو ويجھو ساٿي ۽ قدامت پسند نوجوانن جي تنظيم “ ٽرننگ پوائنٽ يو ايس اي” جو سي اي او ۽ شريڪ باني 31 ورھين جو چارلي ڪرڪ ھڪ تقريب ۾ گولي لڳڻ سبب مارجي ويو.

يوٽاھا ويلي ۾ ھڪ تقريب دوران چارلي ڪرڪ کي گولي ھنئي وئي، سندس موت جو اعلان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنھنجي سوشل ميڊيا پوسٽ تي ڪيو، وائٽ ھائوس جي ايڪس ھينڊل بہ صدر ٽرمپ جي پوسٽ شيئر ڪندي چارلي ڪرڪ جي مارجي وڃڻ جي تصديق ڪئي.

ٽرمپ موت جي تصديق ڪئي

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ٽروٿ سوشل تي ھڪ پوسٽ ۾لکيو، عظيم بلڪہ حقيقي معنائن ۾ ھڪ ليجنڊري چارلي وفات ڪري ويو آھي.

پرڏيھي خابرو اداري موجب يونيورسٽيءَ جي ھڪ ترجمان جو چوڻ آھي تہ پوليس وٽ ڪو بھ شڪي شخص حراست ھيٺ تہ آھي، ان کان اڳ اسڪول انتظاميہ اطلاع ڏنو ھو تہ ڪنھن کي حراست ۾ ورتو ورتو آھي.

واقعي جي وڊيو

واقعي جي وڊيو سوشل ميڊيا تي گردش ڪري رھي آھي،جنھن ۾ ڏسي سگھجي ٿو تہ ڪرڪ ھڪ کليل ھنڌ تي وڏي ھجوم کي خطاب ڪري رھيو ھو تہ اوچتو زوردار ڌماڪي جو آواز آيو، جيڪو ڪنھن گولي جو لڳي رھيو ھو.

سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل ھڪ وڊيو ۾ ڪرڪ کي ڪجھھ گھڙين کانپوءِ پنھنجي ڳچيءَ تي ھٿ ڦيريندي ۽ ڪرسي تي ڪرندي ڏسي سگھجي ٿو، ان موقعي تي سندس ڳچيءَ تي رت بہ ڏسي سگھجي ٿي، جنھن کانپوءِ ھجوم ۾ موجود ماڻھو خوف وچان ڀڄنڊي نظر آيا.

ڪرڪ جي ڳچي تان رت وھي رھي ھئي

ھڪ ٻي وڊيو ۾ ڏسي سگھجي ٿو تہ گولي لڳڻ جي فورن بعد ڪرڪ جي ڳچيءَ تان رت وھي رھي ھئي، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنھنجي ويجھي ساٿي جي موت تي سموري ملڪ ۾ آمريڪي جھنڊا نويل رھڻ جو حڪم ڏنو.

آمريڪي صدر جي حڪم تي وائٽ ھائوس سميت سموري آمريڪا ۾ آمريڪي جھنڊا نويل رھيا، وائٽ ھائوس جي ايڪس ھينڊل تي جھنڊا نويل ھئڻ جي وڊيو بھ شيئر ڪئي ھئي وئي.

ڪرڪ ۽ ان جي تنظيم ٽرننگ پوائنٽ يو ايس ايَ ملڪ جي سڀ کان وڏي قدامت پسند نوجوانن جي تنظيم آھي، ان نومبر ۾ٽرمپ لاءِ نوجوان ووٽرن جي حمايت حاصل ڪرڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو ھو.

ڪرڪ کي آن لائن خطاب ڪرڻ کان روڪڻ جو مطالبو

اربع ڏھاڙي ڪرڪ جي شرڪت سموري ملڪ جي يونيورسٽين ۾ ٿيندڙ 15 ايونٽس تي ٻڌل امڪاني “آمريڪي ڪم بيڪ ٽو” جي پھرين تقريب ھئي، ھو اڪثر اھڙن پروگرامن ۾ جتي وڏي انگ ۾ شاگر جمع ھجن، اتي حاضرين کي دعوت ڏيندو ھو تہ ساڻس سڌي ريت مباحثو ڪيو وڃي.

گولي لڳڻ اڳ ڪرڪ ھڪ ميز تي ويٺو ھو، جنھن ۾ ھو مونکي غلط ثابت ڪريو ٽيبل چوندو ھو، جيئن شرڪت ڪندڙن جي سوالن جا جواب ڏئي سگھي.

ڪرڪ پنھنجي غير منافعي بخش سياسي تنظيم طرفان منعقد ڪيل ھڪ تقريب کي خطاب ڪري رھيو ھو، ھيءَ تقريب ڪيمپس ۾ تڪراري بڻجي وئي ھئي، ايڪ آن لائن پٽيشن جنھن ۾ يونيورسٽي انتظاميھ کي ڪرڪ کي خطاب ڪرڻ کان روڪڻ جو مطالبو ڪيو ويو ھو، پٽيشن تي تقريب ھڪ ھزار صحيحون ھيون.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں