ايشيا ڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ 2025 جا مقابلا جاري آھن، 8 ٽيمن کي 2 گروپس ۾ ورھايو ويو آھي، ڀارت ايونٽ جون دفاع ڪندو، ايشيا ڪپ جي گروپ اي ۾ پاڪستان، ڀارت، اومان ۽ گڏيل عرب امارات شامل آھن، گروپ بي ۾ سريلنڪا، بنگلاديش، افغانستان ۽ ھانگ ڪانگ جون ٽيمون شامل آھن، ايشيا ڪپ 2025 ۾ روايتي حريف پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ پھريون گروپ ميچ 14 سيپٽمبر آچر تي کيڏيو ويندو.جيڪڏھن ٻئي ٽيمون فائنل تائين پھتيون ته ٻنهي ٽيمن ۾ مجموعي طور 3 ميچ ٿيندا.
ڀارتي سپريم ڪورٽ ۾ پاڪ ڀارت ميچ ملتوي ڪرائڻ واري درخواست رد
ڀارت جي سپريم ڪورٽ ايشيا ڪپ ۾ پاڪ ڀارت ميچ ملتوي ڪرائڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي آھي.
عدالت درخواست تي پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو آھي ته ھن ۾ ھنگامي نوعيت جي ڪھڙي ڳالھه آھي، ھي ھڪ ميچ آھي، ان کي ميچ ئي رھڻ ڏيو.
جج پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته آچر تي ميچ آھي، ھاڻي ڪجھه نه ٿي سگھندو، ميچ کي ٿيڻ ڏيو.
جسٽس جي ڪي مھيشوري ۽ وجي بشنوئي تي ٻڌل 2 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي کان انڪار ڪيو ۽ داخل درخواست رد ڪري ڇڏي.
ايشيا ڪپ ٽورنامينٽ سڀ کان وڌيڪ ڪھڙي ملڪ کٽيا؟
1984 کان شروع ٿيل ايشيا ڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جا 16 ٽورناميٽ ٿي چڪا آھن، ڀارت سڀ کان وڌيڪ 8 ڀيرا ٽورنامينٽ کٽيندڙ ملڪ آھي.
ايشيا ڪپ جي تاريخ ۽ فاتح ملڪ

ڀارت ايشيا ڪپ،1984، 1988، 1990، 1995، 2010، 2016، 2018 ۽ 2023 کٽيا.
پاڪستان ايشيا ڪپ ٽورنامينٽ ھن وقت تائين 2 ڀيرا کٽي چڪو آھي، گرين شرٽس پھريون ڀيرو ايشيا ڪپ 2000ع پنهنجي نالي ڪيو ۽ 2012 ۾ ٻيون ڀيرو ٽائٽل پنهنجي نانءُ ڪيو.
آءِ سي سي اڪيڊمي ۾ پاڪ ڀارت ٽيمن 3 ڪلاڪ ھڪ ئي گرائونڊ ۾ پريڪٽس ڪرڻ باوجود ھڪٻئي پري رھيا، ميڊيا پاران رانديگرن وچ ۾ فاصلي خصوصي طور محسوس ڪيو ويو، ميڊيا منتظر ھو تھ رانديگر پريڪٽس بعد ٻاھر اچي ھڪٻئي سان ملندا پر ٻنهي ملڪن جي رانديگرن ھڪٻئي کي ڏسڻ کانسواءِ ئي روانا ٿي ويا.
ماضي ۾ پاڪ ڀارت ميچن دوران گرائونڊ ۾ ڇڪتاڻ ضرور ھوندي ھئي پر گرائونڊ کان ٻاھر ٻنهي ملڪن جي رانديگرن وچ ۾ دوستيون ھونديون ھيون پر مئي ۾ پاڪستان پاران ڀارت جا رافيل سميت 6 جنگي جھاز تباھ ڪرڻ بعد حالتون راند جي ميدان ۾ بھ تبديل ٿي ويون آھن.
سلمان آغا کي ڳاٽي ۾ تڪليف
پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان سلمان علي آغا ڳاٽي ۾ تڪليف سبب ايشيا ڪپ 2025 جي پريڪٽس سيشن ۾ حصو نه وٺي سگھيو.
پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم دبئي ۾ آءِ سي سي اڪيڊمي ۾ ايشيا ڪپ 2025 مقابلن ڀرپور پريڪٽس ڪئي، ڪپتان سلمان علي آغا ڳاٽي ۾ ۾ تڪليف سبب مڪمل طور پريڪٽس ۾ حصو نه ورتو.
سلمان علي آغا ٽيم سان گڏ اڪيڊمي ۾ ڳاٽي تي پٽي ٻڌي آيو، سندس چھري تي تڪليف جا آثار پڻ واضح ھئا.
رانديگرن وارم اپ ميچ دوران اسٽريچنگ ۽ فٽبال ذريعي پنهنجي تياري جاري رکي پر ڪپتان احتياط کان ڪم وٺندي پريڪٽس کان پاسو ڪيو.
پي سي بي جي ميڊيا مئنيجر موجب سلمان علي آغا کي ڳاٽي ۾ ھلڪو اسپاسم آھي کيس فٽنيس جي حوالي سان ٻيو ڪو مسئلو نه آھي.
ميڊيا مئنيجر موجب ڪپتان ٽريننگ سيشن دوران احتياط کان نه ورتو جنهن سبب کيس ڳچي ۾ تڪليف ٿي آھي پر گھٻرائڻ جي ڳالھه نه آھي، ٽيم مئيجمينٽ کي اميد آھي ڪپتان جلد ٽيم سان گڏ ھوندو.
سلمان علي آغا ڪيريئر
پاڪستان جي قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان سلمان علي آغا 23 نومبر 1993 ۾ لاھور ۾ جنم ورتو، سلمان علي آغا مڊل آرڊر بيٽسمين سان گڏ آف ااسپن بائولر پڻ آھي، اسلام آباد يونائيٽيڊ طرفان کيڏندي ڪرڪيٽ ۾ نالو ڪمايو، سلمان علي آغا 2022 ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾ ڊيبيو ڪيو ۽ پنهنجي بھترين بيٽنگ ۽ بالنگ سان آل رائونڊ پرفارمنس سان ٽيم کي ڪاميابيون ڏياريون آھن.

روايتي حريف پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڪرڪيٽ ميچ جون ھٿو ھٿ وڪرو ٿيندڙ ٽڪيٽون ميچ ۾ باقي 2 ڏينهن ھجڻ باوجود اڃا تائين موجود آھن.
گهڻيون پريميئم انڪلوزر ٽڪيٽون اڃا تائين وڪرو نه ٿي سگھيون ۽ وڪرو به سست آهي.
پاڪستان-ڀارت ميچ لاءِ ٽڪيٽن جي طلب اميد کان گهٽ آهي، جنهن جي ڪري منتظمين ٽڪيٽن جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪئي آهي.پاڪستان ۽ ڀارت جي ميچ جي ٽڪيٽن جي قيمت 475 درهم کان گهٽائي 350 درهم ڪئي وئي آهي، ڪرڪيٽ جي شوقينن مهانگي ٽڪيٽن بابت شڪايت ڪئي هئي.
هندستاني ٽي 20 ٽيم جو ڪپتان سوريه ڪمار ياديو ايشيا ڪپ 2025 جي شروعات کان اڳ ئي وڏي مصيبت ۾ پئجي ويو ۽ سندس ئي ملڪ وارن کيس غدار قرار ڏئي ڇڏيو آھي.
ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جي صدر ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي دبئي ۾ ٽرافي جي رونمائي ڪئي، جنهن کان پوءِ ٽورنامينٽ شروع ٿيڻ کان اڳ سڀني ڪپتانن هڪ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي.
سڀني ڪپتانن پروٽوڪول موجب ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جي صدر محسن نقوي سان هٿ ملايو، جڏهن ته ٻين ڪپتانن پڻ هڪ ٻئي سان هٿ ملايو.
ايشيا ڪپ 2025 جي ٽرافي جي رونمائي ۽ ڪپتانن جي پريس ڪانفرنس ۾، ڀارتي ٽيم جي ڪپتان سوريا ڪمار ياديو پڻ محسن نقوي ۽ قومي ٽيم جي ڪپتان سلمان علي آغا سان هٿ ملايو، جنهن جون تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون.

جيئن ئي تصويرون وائرل ٿيون، هندستاني انتهاپسندن سوريه ڪمار ياديو تي حملو ڪيو ۽ کيس غدار قرار ڏنو.
راجيو نالي هڪ صارف ‘ايڪس’ تي لکيو ته سوريه ڪمار ياديو پاڪستاني گهرو وزير سان هٿ ملائي رهيو آهي جنهن آپريشن سنڌور کان پوءِ هندستان کي ڌمڪي ڏني هئي. هن کي دشمنن سان هٿ ملائڻ ۾ به شرم نه ٿي اچي. هو آئيني ۾ پنهنجو عڪس ڪيئن ڏسي سگهي ٿو؟