شاھراھ ڀٽو مڪمل ٿيڻ ڏيو پوءِ تنقيد ڪجو، ٻوڏ صورتحال ۾ الزام لڳائڻ سمجھ کان ٻاھر آھي: وڏو وزير

فہرستِ مضامین

ڪراچي ( رپورٽ:  منظور چانڊيو ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سندس حڪومت چونڊيل نمائندن ۽ شهري ادارن سان گڏجي ڏينهن رات ڪم ڪري رهي آهي ته جيئن شهرين کي ٻوڏ جي صورتحال کان بچائي سگهجي، سڄي صوبي ۾ تيز برساتون ۽ دريائن جي وڌندڙ سطح نوان چيلينج پيدا ڪري رهيون آهن.

وڏي وزير مراد علي شاھھ ڪراچي جي مختلف علائقن جو دورو ڪيو، ھن قيوم آباد وٽ ڪاز وي،  شاھراھ ڀٽو، ناردرن باءِ پاس ۽ لياري ندي وارن علائقن جو دورو ڪيو، جنھن دوران ھن پاڻي نيڪال ۽ ٻين مامرن تي ھدايتون ڏنيون.

ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب ۽ ڊپٽي ميئر سلمان مراد جي ڪوششن کي ساراهيندي وڏي وزير چيو ته اهي سڄي رات عوام جي خدمت ۾ مصروف رهيا، هن وڌيڪ چيو ته هن وقت صوبائي وزير ۽ اعليٰ آفيسر به مون سان فليڊ ۾ موجود آهن.

وڏي وزير مراد ملير ۾ گذريل رات 4 ڄڻن جي فوت ٿيڻ تي ڏک جو اظهار ڪيو ۽ ٻڌايو ته صبح جو ڪورنگي ڪاز وي وٽ ڦاٿل ڪيترن ئي ماڻهن کي ريسڪيو ٽيم بچايو، هن شهرين کي اپيل ڪئي ته هو سرڪاري هدايتن تي سختيءَ سان عمل ڪن.

ٿرپاڪر ۾ ڊيم ڀرجڻ سبب مقامي ماڻھن کي رليف

وڏي وزير ٻڌايو ته حيدرآباد، ٺٽو، سجاول، بدين، ٿرپارڪر، ڄامشورو ۽ دادو ۾ برسات وسي آھي، ٿرپارڪر جا ننڍا ڊيم ڀرجي ويا آهن جنهن سان مقامي ماڻهن کي رليف مليو آهي.

هن ٻڌايو ته حڪومت 9 لک ڪيوسڪ جي وهڪرن لاءِ تياري ڪئي آھي، جڏهن ته 5 لک ڪيوسڪ کان وڌيڪ پاڻي اڳ ئي گڊو بئراج تائين پهچي چڪو آهي جنهن سبب رليف ڪيمپس ۽ طبي سهولتون قائم ڪيون ويون آهن.

درياھن ۽ نالن تي قبضا شھري ٻوڏ جو سبب آھن

مراد علي شاهه چيو ته دريائن ۽ نالن تي قبضا شهري ٻوڏ جو وڏو سبب آهن، ڪابه حڪومت دريائن جي ڀرسان هائوسنگ سوسائٽي ٺاهڻ جي اجازت ناهي ڏني پر پاڻيءَ جي قدرتي وهڪري کي روڪڻ فطرت جي خلاف آهي ۽ بدقسمتيءَ سان هتي اهو سڀ ڪجھھ ڪيو ويو آهي.

پاڻي وھڪرن جي حوالي سان ڳالھائيندي وڏي وزير چيو تھ پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنجاب، گڊو ۽ سکر جو دورو ڪيو ۽ فوري طور عالمي ادارن سان رجوع ڪيو، هن چيو ته سنڌ صورتحال کي سنڀالي رهي آهي پر پنجاب ۽ خيبر پختونخوا وڌيڪ مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن تنهنڪري وفاقي حڪومت کي رليف حڪمت عملي بابت صلاح ڏني وئي آهي.

امداد لاءِ عالمي برادري سان رابطو ڪرڻ گھرجي

 هن وڌيڪ چيو ته بلاول ڀٽو زرداري ڏکڻ پنجاب ۽ سکر ۾ تقرير ڪندي زور ڏنو ته حڪومت کي فوراً عالمي ادارن سان رابطو ڪرڻ گهرجي، سندس چوڻ هو ته جڏهن بلاول ڀٽو پرڏيهي وزير هو تڏهن هن نه رڳو رليف پر بحالي لاءِ به عالمي ادارن کي سرگرم ڪيو هو ۽ انهن مثبت جواب ڏنو هو.

مراد علي شاھھ جو چوڻ ھو تھ خوشقسمتيءَ سان سنڌ ۾ اڃا اهڙي صورتحال پيدا نه ٿي آهي پر گلگت بلتستان، خيبر پختونخوا ۽ پنجاب ۾ حالتون سنجيده آهن تنهنڪري بلاول ڀٽو زرداري وفاقي حڪومت کي صلاح ڏني آهي ته فوراً عالمي ادارن کان مدد طلب ڪئي وڃي.

ٻوڏ صورتحال ۾ ناڪاري سياست جي مذمت

تنقيد جي جواب ۾ هن چيو ته هو تعميري تنقيد کي ڀليڪار ڪري ٿو پر بحران ۾ منفي سياست جي مذمت ڪري ٿو، ڪمزورين جي نشاندهي ٺيڪ آهي پر بنا جواز تنقيد نامناسب آهي، منهنجو ڪم خدمت آهي ۽ مان اهو ڪم ڪندو رهندس.

 ملير ايڪسپريس وي بابت وڏي وزير چيو ته هي منصوبو حفاظتي پشتي جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي۔ هن جي تعمير دوران وچ ۾ تنقيد ڪرڻ صحيح ناهي، منصوبي کي مڪمل ٿيڻ ڏيو ۽ پوءِ ان جو جائزو وٺو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں