بالي ووڊ جي سپر اسٽار سلمان خان فلم انڊسٽري ۾ زندگيون تباھ ڪرڻ واري الزام تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي آھي.
بگ باس ۾ سلمان خان شھناز گل کي چيو تہ ھو ڪنھن جو ڪيريئر ٺاھڻ يا برباد ڪرڻ جو ذميوار ناھي.
شھناز گل پنھنجي ڀاءُ شھباز کي وائلڊ ڪارڊ انٽري طور متعارف ڪرايو ۽ سلمان کي مخطاب ٿيندي چيو تہ ھو ھڪ اميد کڻي آئي آھي ۽ اوھان ڪيترن ئي ماڻھن جو ڪيريئر ٺاھيو آھي.
شھناز گل جي سوال تي سلمان خان چيو تہ ڪيريئر ٺاھڻ وارو ھو نہ پر رب آھي، مون تي الزام لڳندا رھيا تہ مون ڪيترن ئي ماڻھن جا ڪيريئر تباھ ڪيا آھن.
ھن وڌيڪ چيو تہ ڪنھن جو بھ ڪيريئر تباھ ڪرڻ منھنجي اختيار ۾ ناھي، جيڪڏھن مان ڪنھن جو ڪيريئر تباھ ڪندس تہ اھو منھنجو پنھنجو ڪيريئر ھوندو.