قاضي احمد ويجهو قومي شاهراه تي ڪوچ ڪلٽي ٿيڻ سبب 5 مسافر فوت ۽ 20 زخمي ٿي پيا آھن.
پوليس موجب مسافر ڪوچ ملتان کان ڪراچي طرف وڃي رھي ھئي، ڊرائيور کي ننڊ اچڻ سبب حادثو پيش آيو.
مسافر بس ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ 5 مسافر فوت ۽ 20 زخمي ٿي پيا، ڪيترائي مسافر ڪوچ اندر ڦاسي پيا، جن کي وڏي جدوجھد بعد ٻاھر ڪڍيو ويو.
حادثي جو اطلاع ملندي ئي ريسڪيو ٽيمون، پوليس ۽ موٽر وي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ويون ۽ ريسڪيو آپريشن شروع ڪيو.
حادثي ۾ فوت ٿيلن جا مڙھ ۽ زخمين کي فوري طور قاضي احمد، دولتپور ۽ نوابشاهه جي اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو، جتي ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي