نيب پيپلز پارٽي ايم پي اي فياض ٻٽ خلاف ڪرپشن ڪيس کولي ڇڏيو

فہرستِ مضامین

رپورٽ: شبير لاشاري / ڪراچي

نيب پيپلزپارٽي جي ايم پي اي فياض ٻٽ خلاف ڪرپشن، جعلي اسڪيمن ۽ اختيارن جي ناجائز استعمال وارن الزامن بابت جاچ شروع ڪري ڇڏي آھي.

نيب فياض ٻٽ جي مبينا ڪرپشن ۽ اختيارن جي ناجائز استعمال خلاف درخواست داخل ٿيڻ بعد جاچ شروع ڪئي.

درخواست ۾ چيو ويو آھي ته  فياض ٻٽ ڪيترن ئي دورن ۾ سرڪاري اختيارن جو ناجائز استعمال ڪري ذاتي فائدو حاصل ڪيو آهي.

درخواست موجب سال 2013 کان 2023 تائين جعلي ترقياتي اسڪيمن تحت 4 ارب روپين کان وڌيڪ رقم منظور ٿي پر ميهڙ ۾ ڪو بھ ڪم نھ ڪرايو ويو.

درخواست گذار جو چوڻ ھو ته سال 24-2023 ۾ انجنيئرن ۽ شهرين جي جاچ ۽ نشاندهي دوران ظاهر ٿيو ته اسڪول، پاڻي جون لائينون ۽ ٻيا منصوبا رڳو ڪاغذن تي موجود آهن، نيب معاملي جي جاچ شروع ڪري.

درخواست موجب2018-19 ۾ سولر اليڪٽريفيڪيشن آف وليجز نالي منصوبو 510 ملين رپين ۾ مڪمل ڏيکاريو ويو، جڏهن ته ڪا به انسٽاليشن نه ٿي، ترقياتي منصوبا هڪ خاص سرڪل جي ڪمپنين کي بار بار ڏنا ويا، جيڪي فياض ٻٽ جي سياسي ساٿين سان لاڳاپيل آهن.

ٺيڪيدارن کان اڳواٽ ڪڪ بيڪس گهرڻ جا ثبوت موجود آهن

درخواست گذار الزام ھنيو ته ٺيڪيدارن کان 30 سيڪڙو تائين اڳواٽ ڪڪ بيڪس گهرڻ جا ثبوت موجود آهن، رشوت نه ڏيندڙ ٺيڪيدارن کي بليڪ لسٽ ڪيو ويندو هو.

نيب پاران درخواست کانپوءِ سنڌ اسيمبلي جي اختيارين کي خط لکي جاچ ۾ سهڪار جي هدايت ڪئي وئي آھي.

نيب جي خط کانپوءِ سنڌ اسيمبلي جي اختيارين اسڪول ايجوڪيشن کاتي جي سيڪريٽري کي خط لکي فياض ٻٽ تي لڳل الزامن جا تفصيل گھرائي ورتا آھن.

هي هڪ بي نامي درخواست آهي: فياض ٻٽ

ڊبليو ٽي اين نيوز طرفان رابطو ڪرڻ تي ايم پي اي فياض ٻٽ چيو ته دادو ضلعي ۾ لاڳاپيل کاتن اها رپورٽ ڏني  آهي ته اهڙي قسم جي ڪا به ڪرپشن نه ٿي آهي.

سندس چوڻ هو ته هي  هڪ بي نامي درخواست آهي، ان بي نامي درخواست جي بنياد تي ڪاروائي يا جاچ ڪئي پئي ڪئي وڃي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں