گمبٽ لڳ  کھڙا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙي تان نوجوان قتل

فہرستِ مضامین

رپورٽ: آصف منگي/گمبٽ

گمبٽ ويجھو کھڙا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙي دوران گوليون لڳڻ سبب نوجوان مارجي ويو.

ڪچي واري علائقي ۾ کھڙا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو، گوليون لڳڻ سبب مشتاق کھڙو مارجي ويو.

اطلاع تي پوليس پھچي نوجوان جو لاش اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙھھ وارثن حوالي ڪيو ويو.

پوليس جو چوڻ آھي ته کھڙا برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڪارنھن تڪرار ھلندڙ ھو، جنھن تان نوجوان قتل ٿيو آھي.

پوليس موجب معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، جوابدارن کي جلد قانون جي ڪٽھڙي ۾ آندو ويندو

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں