صنعان قريشي جي زين شاهه تي ڪيس داخل ڪرڻ جي مذمت، حڪومت پنهنجو رويو مٽائي: جسقم چيئرمين

فہرستِ مضامین

جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي، ايس يو پي جي مرڪزي صدر زين شاھ مٿان ڄامشوري ضلعي جي ڪوٽڙي ۽ لوڻي ڪوٽ ٿاڻن تي ڪيس داخل جي مذمت ڪندي ڪيس واپس ڪرڻ جو مطالبو ڪر ي ڇڏيو.

جاري ڪيل بيان ۾ جسقم چيئرمين صنعان قريشي چيو ته سنڌ جي معاملن تي جدوجهد کان سرڪار جا داخل ڪوڙا ڪيس نٿا روڪي سگهن، اهڙا ڪوڙا ڪيس ختم ڪري سرڪار کي پنهنجي روش تبديل ڪرڻ گهرجي.

ٻوڏ جي صورتحال تي ڳالهائيندي صنعان قريشي  چيو ته سنڌو درياھ ۾ ايترو پاڻي ئي ناهي جنهن سان ٻوڏ اچي سگهي، هي پاڻي ته 1991ع جي پاڻي ٺاھ جيترو به ناهي.هن چيو ته 91 جي پاڻي ٺاھ موجب ڪوٽڙي کان هيٺ ڏھ ملين ايڪڙ فٽ پاڻي ڇڏڻو آهي. صنعان قريشي وڌيڪ چيو ته سنڌ سرڪار کي درياھ جي ڪمزور ڪنارن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ خاص اُپاءُ وٺڻ گهرجن درياھ جي ڪچي ۾ آباد لکين ماڻهن کي پڪي تي آباد ڪري کين سموريون سهولتون فراهم ڪيون وڃن

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں