زين شاه سميت 30  ڄڻن خلاف لوڻي ڪوٽ ۽ ڪوٽڙي ٿاڻن تي  روڊ بند ڪرڻ جا 2 ڪيس داخل

فہرستِ مضامین

سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد زين شاھ سميت 30 ڄڻن خلاف لوڻي ڪوٽ ۽ ڪوٽڙي ٿاڻن تي 2 ڪيس داخل ڪيا ويا آھن.

 لوڻي ڪوٽ ٿاڻي تي سرڪار جي مدعيت ۾ سب انسپيڪٽر غلام مصطفي ڀلائي پاران زين شاھ ۽ ايس يو پي ڪارڪنن خلاف ڪيس داخل ڪرايو ويو، ايف آءِ آر ۾ زين شاھ ۽ ايس يو پي ڪارڪنن تي روڊ بلاڪ ڪرڻ ۽ امن ۾ خلل وجھڻ جا الزام لڳايا ويا آھن.

ڪوٽڙي ٿاڻي تي بھ اي ايس آءِ عابد لاشاري جي فرياد تي زين شاه سميت 25 ڄڻن خلاف روڊ بلاڪ ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪرايو ويو آھي.

زين شاھھ ڪيسن کي جڙتو قرار ڏيندي چيو آھي تھ 31 تاريخ تي اسان ڪو احتجاج ئي نھ ڪيو ھو، ماضي ۾ بھ اھڙا ڪوڙا ڪيس داخل ٿيندا رھيا آھن، انتقامي ڪارروائين سان جھڪڻ وارا نھ آھيون.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں