رپورٽ: شهنشاهه چارڻ/ابراهيم حيدري، ملير
بن قاسم پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي دوران هڪ اهڙي ٽولي کي گرفتار ڪيو ويو آهي جيڪو سرڪاري اسپتالن توڙي غير سرڪاري دوا ساز ڪمپنين مان مدي خارج دوائون چوري ڪري مختلف ليبل لڳائي وڪرو ڪندو رهيو آهي.
بن قاسم ٿاڻي مان جاري ٿيل پڌرائي ۾ پوليس ٻڌايو ته گرفتار جوابدارن ۾ شڪيل، امير، سيف الرحمان، مير عالم، نظام بوستان، حسين ۽ شوڪت شامل آهن، جوابدار مدي خارج دوائون ٻيهر پيڪ ڪري مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪندا رهيا آهن، اهي دوائون استعمال ڪرڻ سان شهرين مري به سگهن ٿا.
پوليس موجب جوابدار مختلف دوا ساز ڪمپنين مان ايڪسپائر دوائون ۽ خام مال چوري ڪري وري ان کي ٻيهر پيڪ ڪندا آهن پوءِ اهي دوائون مختلف علائقن ۾ وڪرو ڪندا رهيا آهن.
پوليس ٻڌايو ته جاچ دوران انڪشاف ٿيو آهي ته هن نيٽورڪ جو اڳواڻ شڪيل آهي، جيڪو هڪ ڪمپني ۾ سپروائيزر طور ڪم ڪندو هو ۽ پنهنجي ساٿين سان گڏ صحت لاءِ هاڃيڪار دوائون چوري ڪري مارڪيٽ ۾ سپلاءِ ڪندو هو.
بن قاسم پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار ٿيل جوابدارن کان پڇاڳاڇا ڪئي پئي وڃي، پوليس اِهو ناهي ٻڌايو ته جوابدار ڪٿي ۽ ڪهڙن ميڊيڪل اسٽورز يا اسپتالن کي دوائون سپلاءِ ڪندا رهيا آهن.