لاھور: لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پي ٽي آءِ جي باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي ڀائيٽي شاهريز خان جي جناح ھائوس حملي ڪيس ۾ ضمانت منظور ڪري ورتي.
اي ٽي سي لاھور ۾ اربع ڏينهن تي پي ٽي آءِ جي باني عمران خان جي ڀائيٽي شاهريز خان جي 9 مئي 2023 جي هنگامن دوران جناح هائوس تي حملي واري ڪيس ۾ ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي.
اي ٽي سي جي جج منظر علي گل شاهريز خان جي ضمانت واري درخواست تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي کيس ھڪ لک رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
شاهريز جي وڪيل رانا مدثر ۽ تحريڪ انصاف جي وڪيل تيمور ملڪ عدالت مان ضمانت ملڻ جي تصديق ڪئي آھي.
شاھريز گرفتاري ۽ پوليس جو موقف
لاهور پوليس 21 آگسٽ تي شاهريز کي گرفتار ڪيو ھو، ھو عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان جو پٽ آهي، لاهور ۾ سندس ماءُ جي رهائشگاهه تان کيس گرفتار ڪيو ويو ھو، سندس ڀاءُ شيرشاهه خان کي به ٻئي ڏينهن ساڳين الزامن هيٺ گرفتار ڪيو ويو، جيڪو رمانڊ تي جيل ۾ آھي.
30 آگسٽ تي لاھور جي دھشتگردي ٽوڙ عدالت شاھريز کي 14 ڏينھن جي عدالتي رمانڊ تي جيل موڪلڻ جو حڪم ڏنو ھو.
شاھريز خلاف ڪو ثبوت نه مليو
اربع ڏھاڙي ڪيس جي ٻڌڻي دوران، شاهريز جي وڪيل دليل ڏنو ته سندس مئوڪل هڪ رانديگر آهي، جنهن تي پارٽي ڪارڪنن کي ڀڙڪائڻ جو الزام ھو، چالان موجب جاچ ڪيترن ئي پاسن کان ڪئي وئي، جن ۾ جيو فنسنگ به شامل هئي، پر عمران خان جي ڀائيٽي خلاف ڪو به ثبوت نه مليو.
وڪيل چالان جو حوالو ڏيندي بڌايو ته چالان ۾ سڀ ڪجهه واضح آهي، نالن وارا ۽ اڻڄاتل جوابدار ذڪر ٿيل آهن، پر شاهريز جو نالو ئي ناهي. ڪنهن به جاچ آفيسر هن خلاف بيان ناهي ڏنو.
وڪيل موجب ته شاھريز کي 28 مهينن بعد گرفتار ڪيو ويو. سندس ماءُ، جيڪا عمران خان جي ڀيڻ آهي، جيڪا آزادي لاءِ آواز اٿاري رهي آهي. هي گرفتاري صرف سندن آواز دٻائڻ لاءِ ڪئي وئي.
شاھريز 9 مئي تي چترال ۾ ھو
وڪيل وڌيڪ چيو ته شاهريز 9 مئي جي واقعن دوران چترال ۾ هو، ان بابت ڪيترن ماڻهن حلف ناما پيش ڪيا. هن اهو به چيو ته شاهريز جلد ئي هڪ راندين جي مقابلي لاءِ ٻاهر ملڪ وڃڻ وارو هو.
ايمنسٽي انٽرنيشنل ۽ پاڪستان جي انساني حقن واري ڪميشن انهن گرفتاريءَ تي ڳڻتي ظاهر ڪئي ھئي ۽ ان کي سياسي انتقام قرار ڏنو ويو ھو.
شاهريز جي زال دعويٰ ڪئي ته سندس مڙس 9 مئي 2023 تي چترال ۾ سندس خاندان سان گڏ هو، ۽ ان سفر جون تصويرون به شيئر ڪيون.
ساڳئي وقت، پي ٽي آءِ طرفان شاهريز جي هڪ مبينا ويڊيو کي رد ڪيو ويو، جيڪا ٻڌائي پئي وئي ته اها 2023 جي هنگامن جي آهي، جڏهن ته پارٽي موجب اها ويڊيو 21 سيپٽمبر 2024 تي ڪهنا ۾ ٿيل هڪ جلسي جي آهي.
گھرو مامرن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري شاھريز جي گرفتاري جو دفاع ڪندي چيو ھو ته ان خلاف ڪو به ڪيس ڪوڙو يا سياسي بنيادن تي ناھي ٺاھيو ويو.
9 مئي 2023 تي عمران خان جي گرفتاريءَ خلاف پي ٽي آءِ جي حامين ملڪ گير پرتشدد مظاهرا ڪيا، جن دوران فوجي تنصيبن ۽ سرڪاري عمارتن کي نقصان پهچايو ويو، لاهور ۾ ڪور ڪمانڊر جي رهائشگاهه تي به حملو ڪيو ويو.
انهن هنگامن کان پوءِ، رياست پي ٽي آءِ خلاف سخت ڪارروائي شروع ڪئي، جنهن دوران هزارين ڪارڪنن ۽ پارٽي قيادت کي گرفتار ڪيو ويو. تازو ئي، ڪيترن ئي پي ٽي آءِ اڳواڻن کي انهن واقعن جي ڪيسز ۾ سزا پڻ ملي چڪي آهي ۽ کين پارليامينٽ مان به نااهل قرار ڏنو ويو آهي.