راولپنڊي/ڊبليو ٽي اين مانيٽرنگ
راولپنڊي پوليس پرائيويٽ اڪيڊمي جي پرنسپال کي ڏهين ڪلاس جي شاگردياڻي سان مبينا زيادتي ۽ زوريءَ حمل ڪيرائڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪري ورتو.
راولپنڊي پوليس اربع ڏينهن ٻڌايو ته انهن هڪ خانگي اڪيڊمي جي پرنسپال کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جنهن تي ڏهين جماعت جي شاگردياڻي سان جنسي زيادتي ۽ زبردستي حمل ڪيرائڻ جو الزام آھي.
شاگردياڻي ڪير ھئي ۽ الزام ڇا آھن؟
شاگردياڻي راولپنڊي جي پيروڌائي ٽائون جي خيابانِ سِر سيد جي رهواسي آهي، سومر ڏينهن پوليس وٽ پهرين ڄاڻ ( ايف آءِ آر ) رپورٽ داخل ڪرائي، جنهن ۾ پاڪستان پينل ڪوڊ جي سيڪشن ( 338) اَي حمل ڪيرائي ڇڏڻ جي سزا ۽ جنسي زيادتي جي سزا تحت الزام لڳايو ويو آھي.
شڪايت ۾ شاگردياڻي الزام ھنيو ته پرنسپال، جيڪو اولاد کان محروم هو، کيس ڏهين ڪلاس دوران شادي جي آڇ ڪئي ۽ چيو ته والدين سان رابطو ڪري، جنھن بعد ھن ويجھو اچڻ شروع ڪيو. شاگردياڻي جي شڪايت موجب کيس ميٽرڪ جي امتحان ۾ سٺا نمبر وٺرائڻ جو ڏٺو ڏئي کيس جسماني تعلق قائم ڪرڻ لاءِ به قائل ڪيو ويو.
شاگردياڻي دعويٰ ڪئي ته پرنسپل ھڪ ڏينھن کيس پنھنجي آفيس ۾ سڏايو ۽ ساڻس زيادتي ڪئي، ڪجھه مھينن کانپوءِ ھوءَ ڳورھاري ٿي وئي، جنھن بابت ھن پرنسپل کي ٻڌايو، جنھن شادي ڪرڻ بدران کيس حمل ڪيرائڻ جي دوا ڏني.
ايف آءِ آر موجب شڪايت ڪندڙ شاگردياڻي وڌيڪ دعويٰ ڪئي ته جوابدار مختلف وقتن تي ساڻس زيادتي ڪندو رھيو، جنھن جي نتيجي ۾ ھوءَ ٻيھر ڳورھاري ٿي وئي، جڏھن شادي لاءِ زور ڀريو ته ھن انڪار ڪيو ۽ جسماني تشدد شروع ڪيو.
پوليس ڪهڙي جاچ ڪئي؟
راولپنڊي پوليس جي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ( ايڪس) تي ايس پي راول ارشد چيو ته پوليس تيزي سان ڪارروائي ڪندي جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آھي، متاثر شاگردياڻي جي ميڊيڪل ٽيسٽ پڻ ڪئي ويندي.
ايس پي راول ارشد چيو ته عدالت ۾ مضبوط ثبوتن سان چالان پيش ڪيو ويندو، جيئن جوابدار کي عبرتناڪ سزا ملي سگھي، ھن چيو ته عورتن ۽ ٻارن سان ظلمن، زيادتين ۽ ھيسائڻ جي ڪا به گنجائش ناھي.
انساني حقن واري وفاقي وزير، اعظم نذير تارڙ واقعي جي فوري ۽ شفاف جاچ جو حڪم ڏنو، سندس آفيس پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو تھ وفاقي وزير جوابدار جي فوري گرفتاري جو حڪم ڏنو ۽ واقعي جي رپورٽ طلب ڪئي.
جنسي زيادتي جي سزا ڇا آھي؟
پاڪستان پينل ڪوڊ جي سيڪشن 376 موجب جنسي زيادتي جي سزا موت ۽ گھٽ ۾ گھٽ 10 سالن دوران 25 سالن تائين قيد، عمر قيد يا ڏنڊ ٿي سگھي ٿو.
مئي مھيني ۾ راولپنڊي جي سيشن عدالت ھڪ شخص کي عورت سان زيادتي ڪرڻ جي ڏوھھ ۾ موت جي سزا ڏني ھئي، جيڪا اينٽي ريپ ايڪٽ 2021 جي سيڪشن 17 تحت ڏني وئي ھئي.