تلهار ٽائون ڪميٽي جو سي ايم او روڊ حادثي ۾ فوت

فہرستِ مضامین

ڊبليو ٽي اين جي رپورٽر اختر کوسو موجب بدين ويجھو روڊ حادثي جي نتيجي ۾ ٽائون ڪميٽي تلھار جي سي ايم او سميت 2 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن، عورت سميت 2 ڄڻا زخمي آھن.

بدين کوسڪي روڊ تي ٻن ڪارن وچ ۾ آمھون سامھون ٽڪر ٿيو، جنھن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت تي فوت ٿي ويا ۽ 2 زخمي ٿيا پيا.

فوتين جي سڃاڻپ ٽائون ڪميٽي تلھار جي سي ايم او عبدالجبار ڪورائي ۽ ٽائون ملازم راڻو مھراج طور ٿي، حادثي ۾ عورت سيتا ۽ گوپال چارڻ زخمي ٿي پيا.

فوتين جا لاش ۽ زخمين کي انڊس اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ٻنھي زخمين جي حالت پڻ ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں