تنبيه: هن رپورٽ ۾ جنسي تشدد بابت اهڙا پريشان ڪندڙ تفصيل موجود آهن جيڪي پڙهندڙ لاءِ تڪليف جو سبب بڻجي سگهن ٿا.
ڪراچي ۾ زال کي قتل ڪندڙ جوابدار جي ضمانت رد، شانتي موت کان اڳ ٻڌايو ته مڙس شادي جي ٻن ڏينھن بعد تشدد ڪيو: وارث
ڪراچي جي عدالت زال کي تشدد ڪري مارڻ جي الزام ۾ گرفتار جوابدار جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي آھي..
ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ڏکڻ جي عدالت ۾ ناري شانتي تي تشدد ڪندڙ جوابدار اشوڪ جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي..
ٻڌڻي دوران پوليس موقف اختيار ڪيو ته جوابدار پنهنجي زال تي سخت جنسي تشدد ڪيو هو..
پوليس موجب تشدد جو شڪار بڻيل عورت شانتي ڪجھه ڏينھن ڪوما ۾ رھڻ بعد فوت ٿي وئي، جوابدار ڏوھه جو اعتراف ڪري چڪو آھي.
عدالت پوليس پاران ڪيس بابت رپورٽ جمع ٿيڻ بعد جوابدار اشوڪ جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي..
شادي جي ٽن ڏينھن بعد شانتي تي تشدد
15جون 2025 تي لياري واري علائقي ۾ مڙس جي تشدد جو شڪار ٿيل 19ورھين جي شانتي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال پھچايو ويو، سخت جسماني تشدد سبب شانتي ڪوما ۾ ھلي وئي ھئي، ڪجھه ڏينھن بعد ھن اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو ھو
پوليس جو چوڻ ھو ته ناري جي وارثن سندس مڙس تي تشدد جو الزام هنيو جنهن بعد شانتي جي مڙس کي گرفتار ڪيو ويو، پوليس موجب وارثن ٻڌايو ته جوابدار شادي جي ٽن ڏينھن بعد شانتي کي غيرفطري تشدد جو نشانو بڻايو..
شانتي جي شادي ڪيئن ٿي؟
شانتي تي تشدد واري واقعي جو ڪيس سندس ڀاءُ جي فرياد تي داخل ٿيو، ايف آءِ آر موجب شانتي جي شادي 15 جون تي جوابدار اشوڪ سان ٿي، 30 جون تي طبيعت خراب ٿيڻ بعد ناري کي اسپتال پھچايو ويو، جنھن دوران شانتي ٻڌايو ته مڙس شادي کان 2 ڏينھن بعد کيس تشدد جو نشانو بڻائڻ شروع ڪيو ھو ۽ تذليل به ڪئي، جنھن سبب طبيعت خراب ٿي وئي پر جوابدار ڌمڪي ڏني ھئي ته ان بابت ڪنھن کي به ٻڌائڻو ناھي..

لياري ۾ مڙس ھٿان تشدد جو شڪار ٿيل شانتي جو موت کان اڳ وارو وڊيو بيان به سامھون آيو، وڊيو بيان ۾ شانتي پاڻ مٿان ٿيل ظلم جا تفصيل ٻڌائيندي نظر اچي ٿي، وڊيو بيان ۾ شانتي چوي ٿي ته مڙس شادي جي ٻئين ڏينھن تي کيس تشدد جو نشانو بڻايو، ھن چيو ته جوابدار مٿس ايترو ته تشدد ڪيو جو ھو رتورت ٿي وئي، شانتي وڊيو ۾ اھي سڀ تفصيل ٻڌايا، جيڪي ايف آءِ آر ۾ موجود آھن..
پوليس سرجن ڊاڪٽر سعيمه سيد جو چوڻ آھي ته عورت پاران زال تي جنسي تشدد واقعا ٿيندا رھندا آھن، پر اھڙي قسم جا واقعا صحيح طريقي سان رپورٽ نٿا ٿين ڇو ته عورتن ان حوالي سان شڪايت ئي ناھن ڪنديون، ھن ٻڌايو ته ان جو اصل ڪارڻ ته اھو آھي ته جيڪڏھن ڪيس داخل ٿي وڃي ته پوءِ مڙس عورت کي گھران ڪڍي ڇڏيندو، عورت سموري ڪٽنب کي نظر ۾ رکندي خاموس رھنديون آھن.
غير فطري سيڪس ۽ جنسي تشدد
شانتي جي وارثن توڙي پوليس سرجن ٻڌايو هو ته شادي جي ٻي رات شانتي مڙس هٿان مبينا طور غيرفطري سيڪس ۽ جنسي تشدد جو نشانو بڻي، شانتي جي عمر 19 سال هئي، شانتي حالت خراب هجڻ سبب لڳ ڀڳ 3 هفتا اسپتال ۾ علاج هيٺ به هئي.
ڪراچي پوليس سرجن ڊاڪٽر سميعه سيد جو چوڻ آهي ته شروعاتي معائني ۾ اها ڳالهه ثابت ٿي هئي ته شانتي کي پرتشدد اينل سيڪس جو نشانو بڻايو ويو هو.ايف آءِ آر موجب 19 ورهين جي شانتي جي شادي 15 جون 2025 تي الزام هيٺ آيل اشوڪ سان ٿي هئي ۽ ساڳئي ڏينهن رخصتي به ڪئي وئي هئي۔ 30 جون تي شانتي جي حالت وڌيڪ خراب ٿيڻ تي کيس اسپتال پهچايو ويو۔ مدعي موجب ساڳئي ڏينهن سندس ڀيڻ کين ٻڌايو ته شادي جي ٻن ڏينهن بعد، يعني 17 جون تي، مڙس غيرفطري انداز ۾ سيڪس ڪيو ۽ ان کانپوءِ مبينا طور لوهه جو پائپ سندس جسم ۾ زبردستي داخل ڪيو۔
شانتي جي ڪهاڻي ٻڌي دماغ بند ٿي ويو

سماجي ورڪر نجمہ مهیشوري هن واقعي کانپوءِ لڳاتار شانتي سان گڏ رهي ۽ ميڊيا کي ان بابت اپڊيٽس ڏيندي رهي۔ هن بي بي سي اردو کي بيان ڏنو هو ته جڏهن هوءَ لياري اسپتال پهتي ۽ شانتي جي زبان مان هي ڪهاڻي ٻڌي ته ڏهه کان پندرهن منٽن تائين سندس ذهن ئي سُن ٿي ويو ته اهو سڀ ڪيئن ممڪن آهي۔
نجمہ موجب لياري اسپتال وارن بعد ۾ شانتي کي ٽراما سينٽر منتقل ڪيو، جتي سندس ٽي آپريشن ٿيا، بهرحال ڊاڪٽرن موجب انفيڪشن ايترو وڌي ويو هو جو هوءَ صحتياب نه ٿي سگهي۔
ٻئي طرف شانتي جي والده جو الزام آهي ته هن واقعي کانپوءِ جوابدار جي گهرڀاتين زور ڀريو ته هو پنهنجو ڪيس واپس وٺن ۽ سندن پٽ جي آزادي ۾ مدد ڪن۔ شانتي جي امڙ موجب کين ڌمڪيون ڏنيون ويون ته جيڪڏهن ائين نه ڪيو ويو ته “توهان جي خاندان جون باقي ڇوڪريون به واپس موڪلي ڇڏينداسين.
سيڪس دوران تشدد جا واقعا ڇا آهن؟
مئي 2025 جي بي بي سي جي هڪ رپورٽ ۾ ڊاڪٽر احسن نويد ٻڌايو هو ته ميريٽل ريپ يا مڙس پاران زال کي شديد جنسي تشدد جو نشانو بڻائڻ جو اهم ڪارڻ وائلينٽ پورن فلمن ۾ ڏيکاريل منظر به ٿي سگهن ٿا۔
هن چيو هو ته “مردن ۾ بالادستي جو تصور عورت يا پنهنجي ساٿي جي مرضي کي نظرانداز ڪرڻ تي ڀڙڪائي ٿو، اهو رويو اختيار ڪندڙ گهڻو ڪري شخصيت جي اضطرابي بيمارين جهڙوڪ ‘هارٽ لائين پرسنيليٽي ڊس آرڊر’ جو شڪار ٿي سگهي ٿو.
ڊاڪٽر احسن نويد جو چوڻ هو ته ازواجي لاڳاپن ۾ ڪنهن به قسم جي جسماني يا جنسي زيادتي کي صرف تشدد نه، پر وڏو ڏوهه سمجهڻ گهرجي۔
هن جو چوڻ هو ته “سیکس بابت تعليم نه هئڻ ۽ ان تي ڳالھ نه ڪرڻ، ان کي انتهائي شرم سان جوڙڻ به تمام وڏا مسئلا آهن.
ڊاڪٽر سميعه سيد جو چوڻ هو ته اهڙن واقعن جو بنيادي ڪارڻ پدرشاهه ذهنيت ۽ سماج جا فرسوده رسم و رواج آهن۔ “جيڪڏهن ڪا عورت هن بابت ڳالھه ڪري ته ان کي انتهائي نجي معاملو قرار ڏئي شرمندو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي.