ڀارت ستلج درياھ ۾ ٻوڏ جا وڏا وھڪرا داخل ٿيڻ بابت پاڪستان کي آگاھ ڪري ڇڏيو، ڀارت پاران مليل ڄاڻ بعد آبي وسيلن واري وزارت واڳيل کاتن کي الرٽ جاري ڪري ڇڏيو، ڀارتي ھاءِ ڪميشن پاران پاڪستاني حڪومت کي لکيل خط ۾ چيو ويو آھي ته ستلج درياھ ۾ ھريڪي کان ھيٺ ۽ فيروز پور وٽ وڏي ٻوڏ واري صورتحال آھي،
پنجاب ۾ ٻوڏ جي صورتحال
پنجاب جي راوي درياھ ۾ ٻوڏ جو زور ٽوڙڻ لاءِ ڪماليه ۾ ھيڊسڌنائي ۽ مائي صفوران بند کي ڌماڪي سان اڏايو ويو، ڊپٽي ڪمشنر ڪماليه چوڌري نعيم سڌو چيو آھي ته ھيڊ سڌنائي کي بچائڻ لاءِ راوي درياھ جو حفاظتي بند ٽوڙيو ويو، ھيڊ سڌنائي وٽ ھٿرادو گھاري سبب پاڻي جي سطح ۾ گھٽتائي اچي رھي آھي، مائي صفوران بند ٽوڙڻ کانپوءِ ھيڊ ورڪس تي پاڻيءَ جو دٻاءُ گھٽجڻ شروع ٿي ويو.
پي ڊي ايم اي پنجاب موجب چناب درياھه ۾ مرالا ھيڊ ورڪس وٽ وھڪرو 4 لک 68 ھزار ڪيوسڪس تائين پھتو آھي، خانڪي وٽ 3 لک 39 ھزار 470 ڪيوسڪس، قادرآباد وٽ2 لک 32 ھزار 450 ڪيوسڪس ۽ ترميون ھيڊ ورڪس وٽ وھڪرا 3 لک 55 ھزار 744 ڪيوسڪس تائين پھچي ويا آھن، پي ڊي ايم اي موجب راوي درياھه ۾ سيفون وٽ 54 ھزار 190 ڪيوسڪس ۽ شاھدره وٽ 53 ھزار 655 ڪيوسڪس تائين پھچي ويو آھي، پي ڊي ايم اي جو چوڻ ھو ته صوبي جي مختلف علائقن ۾ برسات سبب ندي نالن ۾ چاڙگ ۽ ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿيڻ جو به خدشو آھي
پنجاب ۾ برساتن جو امڪان
پنجاب جي مختلف ضلعن ۾5 سيپٽمبر تائين برساتن ۽ ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿيڻ جو خدشو ظاھر ڪيو ويو آھي.
پي ڊي ايم اي پنجاب جو چوڻ آھي ته پنجاب جي مختلف ضلعن ۾ اڄ کان 5 سيپٽمبر تائين برسات وسي سگھي ٿي، جنھن سبب ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿيڻ جو خدشو آھي، انتظاميه کي اڳواٽ ئي قدم کڻڻ گھرجن، پي ڊي ايم اي موجب اسلام آباد، سيالڪوٽ، لاھور ۽ ٻين علائقن ۾ ڪڪر وسي سگھن ٿا، اين ڊي ايم اي موجب برسات سبب مختلف علائقن ۾ ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿيڻ جو بھ خدشو آھي.
سنڌ جي صورتحال
پنجاب ۾ ٻوڏ بعد سنڌو درياهه ۾ چاڙھ بعد ڪوٽڙي بيراج جي ڪنڌين ۽ ڀرپاسي جي آبادين کي محفوظ ھنڌن تي منتقل ٿيڻ جي اپيل ڪئي وئي آھي. انتظاميا پاران رات کان ماڻھن کي گھر خالي ڪرڻ لاءِ مختلف علائقن ۾ پڙھا ڏيارڻ ۽ اعلان ڪرڻ جو سلسلو جاري آھي، ضلعي انتظاميه طرفان ملاح گوٺ، شهمير شورو گوٺ ۽ ڏيٿا گوٺ جي رهاڪن کي گھر خالي ڪرڻ جون ھدايتون ڏنيون ويون آھن، انتظاميه جو چوڻ آهي ته امڪاني ٻوڏ سبب سحرش نگر ۽ حسين آباد جا علائقا به متاثر ٿي سگهن ٿا، لطيف آباد نمبر 4 ۽ نمبر 10 جي رھواسين کي بھ گھر خالي ڪرڻ جون اپيلون ڪيون ويون آهن.