اسد قريشي ٽيون ڀيرو دل جي تڪليف سبب اسپتال ۾ داخل،” فنڪارن جي نالي تي ٺھيل تنظيم جا اڳواڻ رڳو پنھنجا پيٽ پالين ٿا“: فنڪار

فہرستِ مضامین

سنڌ جو ناميارو فنڪار اسد قريشي ٽيون ڀيرو دل جي تڪليف سبب اسپتال ۾ داخل آھي، سندس چوڻ آھي ته ثقافت کاتي مان اميد ناھي، ضرورت پئي ته سنڌ آڏو جھولي جھليندس.

ڊبليو ٽي اين سان ڳالھائيندي اسد قريشي چيو ته کيس 2007 ۾ پھريون ڀيرو دل جي تڪليف ٿي ھئي، ھن پنھنجو علاج پاڻ ڪرايو ھو، 2016 ۾ به دل جا وال بند ٿيا، اِسٽنٽ لڳرايو، ڪنھن بھ سندس مدد نه ڪئي ھئي.

ھن چيو ته فنڪارن جي نالي تي ٺھيل تنظيم جا اڳواڻ پنھنجا پيٽ پالين ٿا، ڪنھن به اداڪار يا فنڪار جي سھائتا نٿي ڪئي وڃي.

اسد قريشي چيو ته آرٽس ڪائونسل کي ملندڙ فنڊ مان کين ڪو به فائدو ناھي، ھن وقت تائين کيس آرٽس ڪائونسل جي ميمبرشپ به ناھي ملي سگھي.

اسد قريشي چيو ته سنڌ واسين کي دعا جي اپيل ڪيان ٿو، انھن مان ئي اميدون آھن باقي ثقافت کاتي مان کيس ڪا به اميد ناھي، ضرورت پئي ته سنڌ جي عوام آڏو ئي جھولي جھلي ويندي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں