ھالي ووڊ جي مشھور اداڪار ۽ اڳوڻي ريسلر ”ڊُوائن جانسن“ جو نئون روپ، وزن گھٽائڻ تي سڀ حيران

فہرستِ مضامین

ھالي ووڊ جي مشھور اداڪار ۽ اڳوڻي ريسلر ”ڊُوائن جانسن“ جي نئين روپ سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو آھي.

مشھور ۽ اڳوڻي ريسلر ” ڊُوائن جانسن“ پنھنجو وزن گھڻي حد تائين گھٽائي ورتو آھي.

ڊوين جانسن وينس فلم فيسٽيول ۾ ڌيان جو مرڪز بڻجي ويو، جتي سندس نئين فلم ” دي اسميشنگ مشين“ جو عالمي پريمئير منعقد ٿي رھيو آھي.

سوشل ميڊيا تي جاري ٿيل تصويرن ۾ ڊوين جانسن جي وزن ۾ نمايان لاٿ ۽ سنھڙي جسم سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو.

سوشل ميڊيا ۾ ڊوين جانسن جي نئين روپ کي تمام گھڻو پسند ڪيو پيو وڃي، ان حوالي سان تجزين ۽ تبصرن جو نئون سلسلو شروع ٿي ويو آھي

سوشل ميڊيا واھيپدارن خدشو ظاھر ڪيو آھي تھ ڊوين جانسن جو نئون روپ سندس صحت جي مسئلن سبب ٿيو آھي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں